Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

خوف خدا کان روئڻ

هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابستگي کان اڳ ۾ فلمون ڊراما ڏسڻ جو بي حد شوقين هو، گناهن ۾ ايتري قدر مشغول ٿي ويو هو جو ان کي زندگي جي قيمتي لمحن جي بربادي جو ڪو احسان تائين نه هو. ان جي زندگي ۾ ڪجھ هن ريت مدني بهار آئي جو ان جي علائقي جي مسجد ۾ هڪ اسلامي ڀاءُ مدني درس( درسِ فيضانِ سنت) ڏيندو هو. هڪ ڏينهن اهو به درس ۾ شامل ٿي ويو، درس ٻڌائين، تمام سٺو لڳو، علم جو ڪيئي ڳالهيون ٻڌڻ جو موقعو مليو ۽ فڪرِ آخرت تي مشتمل ڳالهيون ٻڌي ڪري دل جي ڪيفيت ئي بدلجي وئي. ائين روزانو مدني درس ۾ شرڪت ڪرڻ ان جو معمول بڻجي ويو ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته عاشقانِ رسول سان ملاقات به رهڻ لڳي. اسلامي ڀائرن جي انفرادي ڪوشش جي نتيجي ۾ هڪ ڀيري ان کي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت نصيب ٿي. تلاوت قرآن ۽ نعت ۽ سنتن ڀري بيان ان جي دل ۽ دماغ تي ڏاڍو اثر ڪيو. اجتماع جي آخر ۾ جڏهن اسلامي ڀائرن ذِڪرالله ڪيو ته ان کي پنهنجي گناهن جي ڪارڻ دور ٿيندي محسوس ٿيڻ لڳي. ذڪر کانپوءِ گُهري ويندڙ دعا سان مدني انقلاب اچي ويو. خوفِ خدا سان ان جو جسم ڏڪڻ لڳو. اکين مان ڄڻ ڳوڙهن جو هڪ درياء وهڻ لڳو ايستائين جو روئيندي روئيندي ان جو آواز  رڪجي ويو. ان روئي روئي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پنهنجي گناهن جي معافي گهري ۽ آئنده سنتن ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته ٿي ويو.

ہے تجھ سے دعا ربّ اکبر! مقبول ہو’’فیضانِ سُنّت‘‘                مسجد مسجد گھر گھر پڑھ کر ، اسلامی بھائی سناتا رہے

                                                                                              (وسائلِ بخشش مرمم،ص۴۷۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد