Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

۽ جيڪي نفل جي ادائيگي جي اِستطاعت نٿا رکن انهن کي گھرجي ته سمهي رهن۔ توهان مان هر ٻانهو هي چوندي ڊڄي ته جيڪڏهن فلاڻو شخص روزو رکندو ته مان روزو رکندس، ۽ جيڪڏهن فلاڻو شخص نفل ادا ڪندو ته مان به نفل پڙھندس۔ جيڪو به روزو رکي يا نفل ادا ڪري ته الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪري۔ توهان مان هر شخص کي اها ڳالھ معلوم هئڻ گھرجي ته جيستائين هو نماز جي انتظار ۾ هوندو آهي حقيقت ۾ نماز ئي ۾ هوندو آهي۔ الله پاڪ جي گھر ۾ فضول ڳالهيون ڪرڻ کان بچندا رهو۔ پوءِ پاڻ رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه 3 ڀيرا هي ارشاد فرمايو: أَلاَ  لاَ  يَتَقَدَّمَنَّ الشَّهْرَ  مِنْكُمْ  أَحَدٌ يعني خبردار! توهان مان ڪو به هن مبارڪ مهيني کي فضول نه گذاري. (مصنف عبدالرزاق، ڪتاب الصيام،باب قيام رمضان، ۴/۲۰۴، حديث:۷۷۷۸  ملتقطاً)

شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ رمضان المبارڪ جي آمد تي خوشي ۽ مَسَرَّت جو اظهار ڪرڻ، ربِّ ڪريم جي هن عظيم نعمت تي شُڪر جو اظهار ڪرڻ  ۽ هن مغفرت واري مهيني جي عظمت ۽ اَهمِّيت کي اُجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ تمام خوبصورت ۽ پيارو ڪلام لکيو آهي:

مرحبا صد مرحبا!

مرحبا  صد  مرحبا  پھر  آمدِ  رَمَضَان  ہے             كِھل اُٹھے مُرجھائے دل تازہ ہوا اِیمان ہے

یاخُدا ہم عاصیوں پہ یہ بڑا اِحسان ہے                             زِندَگی میں پھر عطا ہم کو کِیا رَمَضَان  ہے

تجھ پہ صَدْقے جاؤں  رَمَضَاں! تُوعَظِیْمُ الشّان ہے             تجھ  میں نازِل حق تعالیٰ نے كیا قرآن ہے

اَبرِ رَحمت چھا گیا ہے اور سَماں ہے نُور نُور                           فَضْلِ ربّ سے مَغْفِرَت كا ہو گیا سامان ہے

ہر گھڑی رَحْمت بھری ہے  ہر طرف ہیں بَرَكتیں               ماہِ رَمَضَاں رَحمتوں اور بَرَكتوں كی كان ہے

آگیا رَمَضَاں عبادت پر کَمَر اب باندھ لو                          فیض لے لو جلد یہ دِن تیس كا مہمان ہے

عاصیوں كی مغفرت كا لے كر آیا ہے پیام                        جُھوم جاؤ مُجْرِمو! رَمَضاں مَہ ِغُفران ہے