Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

استقبالِ ماههِ رمضان

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه                    وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه          

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه                        وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه          

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ  (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جيڪو چاهي (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو)

دُرُود شريف جي فضيلت

حضرت سَيدُنا شيخ اَحمد بن مَنْصُور رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جڏهن فوت ٿيا ته شيراز وارن مان ڪنهن خواب ۾ ڏٺو ته پاڻ مٿي تي موتين جو تاج سجائي بهترين حلو (يعني جنّتي لباس) پائي شيراز جي جامع مسجد جي محراب ۾ بيٺا آهن، خواب ڏسڻ واري حال احوال معلوم ڪيائين ته فرمايائون :”الله پاڪ مون کي بَخشي ڇڏيو، ڪرم فرمايو ۽ تاج پارائي جنَّت ۾ داخِل ڪيو۔“ پڇيو ويو: ڪهڙي سبب؟ فرمايائون: ”مان تاجدارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي ڪثرت سان دُرُوْدِ پاڪ پڙھندو هئس اهو ئي عَمَل ڪم اچي ويو۔ “ اَلْحَمْدُ لِلّٰه رَبِّ العٰلَمِين۔ (القولُ الْبَدِيع ص۲۵۴)