Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

زيور بڻائي استعمال جي لائق ڪري ڏيندي آهي، ائين ئي ماههِ رمضان گنهگارن کي پاڪ ڪندو ۽ نيڪ ماڻهن جا درجا وڌائيندو آهي. (فیضانِ رمضان، ص۸۶۱) رمضان ۾ کائڻ پيئڻ جو حساب ناهي. قيامت ۾ رمضان ۽ قرآن روزيدار جي شفاعت ڪندا جو رمضان ته چوندو: مولٰي! مون هن کي ڏينهن ۾ کائڻ پيئڻ کان روڪيو هو ۽ قرآن عرض ڪندو ته يا ربّ! مون هن کي رات ۾ تلاوت ۽ تراويح جي ذريعي سمهڻ کان روڪيو. قرآنِ ڪريم ۾ صرف رمضان شريف ئي جو نالو ورتو ويو ۽ انهيءَ جا فضائل بيان ٿيا. ڪنهن ٻي مهيني جو نه صراحةً نالو آهي نه اهڙا فضائل. (فضائل رمضان، ص۸۶۲)    

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار اِجتماع جي بيان جو موضوع هوندو ” ٻارن تي مصطفٰي ڪريم جي شفقت“حضورِاڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻارن سان ڪيتري قدرمحبت ۽ شفقت جو ورتاءُ ڪندا هئا، هن باري ۾ ڪجهه حڪايتون ۽ روايتون بيان ڪيون وينديون. ٻارن سان ڪهڙي طرح جو ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، هن باري ۾ به ڪجهه مدني گل بيان ڪيا ويندا. ٻارن جي تربيت جي اهميت ۽ ان ۾ ڪهڙين ڳالهين جو لحاظ رکڻ گهرجي، اهو به بيان ڪيو ويندو. تنهنڪري! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ انفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد