Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

نائبِ احمدِ مُختار ہیں غوثِ اعظم                       اور سب ولیوں کے سردار ہیں غوثِ اعظم

میرے مرشِد مری سرکار ہیں غوثِ اعظم                       میرے رہبر مرے غمخوار ہیں غوثِ اعظم

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!الله پاڪ اسان کي بزرگن ۽ خاص ڪري سرڪارِ غوثِ اعظم  جي فيضان سان مالا مال فرمائي. سندن ولادت رمضان جي پهرين تاريخ تي ٿي، انهيءَ مناسبت سان اسان سندن جو ذڪرِ خير به ڪيو. 

امام يوسف بن اسمٰعيل نبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو ذڪر

هڪ ٻيو الله جو ولي، زبردست عالم، تمام وڏو محدث، چوڏهين صديءَ جو شيخِ ڪامل، عاشقِ رسول حضرت سيدنا شيخ امام يوسف بن اسمٰعيل نبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو يومِ وصال 2 رمضان آهي، الله پاڪ انهن جي فيض ۽ برڪتن سان به اسان کي مالا مال فرمائي. حضرت سيدنا امام يوسف بن اسمٰعيل نبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سفيد ڏاڙهي وارا نوراني بزرگ هئا. ٭ امام نبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه   پنهنجي دور جي هم عصرن ۾ ڪيئي سببن جي ڪري ممتاز هئا، ٭ امام نبهاني عظيم ليکڪ اديب هئا، ٭ امام نبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سنتِ نبوي جا عاشق ۽ عشقِ مصطفٰي جي حقيقي تصوير هئا، ٭ امام نبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  سٺ کان به وڌيڪ علمي ۽ فڪري ڪتابن جا مصنف ۽ قادر الڪلام شاعر هئا، ٭ امام نبهاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه   جو وصال 1350 هجري ۾ ٿيو ۽ سندن کي اباڻي ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو. (جامع کراماتِ او لیاء، ص   تا ۶۸)

الله ڪريم پنهنجي نيڪ ٻانهن جي صدقي اسان کي به نيڪ بڻائي.آمين

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هلندڙ دور ۾ عاشقانِ رسول جي  مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جو مهڪندڙ مدني ماحول ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي. هن مدني ماحول ۾ جتي فرض ۽ واجب تي عمل جي ترغيب ڏياري ويندي آهي