Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

۾ ڪثرت سان عبادتِ الٰهي ڪندا هئا ته جيئن وڌ کان وڌ قربِ خداوندي حاصل ڪري سگھجي۔ اچو! ترغيب طور هڪ ايمان افروز حڪايت ٻڌون ٿا ته جيئن اسان جي سُستي دور ٿئي ۽ عبادت جو ذوق ۽ شوق نصيب ٿئي۔ جيئن

عبادت گذار ٻانهي

حضرت سيدُنا محمد بن ابي فَرَج رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: مون کي رمضان جي مهيني ۾ هڪ خادمه جي ضرورت پئي جيڪا اسان کي کاڌو تيار ڪري ڏئي، مون بازار ۾ هڪ خادمه کي ڏٺو جنهن جي گھٽ قيمت ۾ ٻولي لڳائي پئي وئي، ان جو چهرو ڦڪو، بدن ڪمزور ۽ جِلد خشڪ هئي۔ مون ان تي رحم ڪندي ان کي خريدي گھر آندو ۽ چيو: ٿانوَ وٺ ۽ رمضان جي ضروري شين جي خريداري جي لاءِ مون سان گڏ بازار هل۔ ته هوءَ چوڻ لڳي: اي منهنجا آقا! مان ته اهڙن ماڻهن وٽ هيس جنهن جو سڄو عرصو رمضان هوندو هو۔ ان جي اها ڳالھ ٻڌي مان سمجھي ويس ته هي ضرور الله پاڪ جي نيڪ ٻانهي هوندي۔ هوءَ رمضان ۾ سڄي رات عبادت ڪندي هئي ۽ جڏهن آخري رات آئي ته مون ان کي چيو: عيد لاءِ ضروري شين کي خريدڻ جي لاءِ اسان سان گڏجي بازار هل۔ ته هوءَ پڇڻ لڳي: اي منهنجا آقا! عام ماڻهن جون ضرورتون خريد ڪندين يا خاص ماڻهن جون؟ مون ان کي چيو: پنهنجي ڳالھ جي وضاحت ڪر؟ ته ان چيو: عام ماڻهن جي ضرورت ته عيد جا مشهور کاڌا آهن جڏهن ته خاص ماڻهن جي ضرورت مخلوق کان جدا ٿيڻ، خدمت جي لاءِ فارغ ٿيڻ، نفلن جي ذريعي الله پاڪ جو قُرب حاصل ڪرڻ ۽ عاجزي ۽ انڪساري ڪرڻ آهي۔ هي ٻڌي مون چيو: منهنجي مراد کائڻ لاءِ ضروري شيون آهن۔ ان وري پڇيو: ڪهڙو کاڌو؟ جيڪو جسمن جي غذا آهي يا دلين جي؟ ان تي مون چيو: پنهنجي ڳالھ واضح ڪر؟ ته ان مون کي ٻڌايو: جسمن جي غذا ته معروف کاڌو ۽ خوراڪ آهي جڏهن ته دلين جي غذا گناهن کي ڇڏڻ، پنهنجا عيب دُور ڪرڻ، محبوب جي ديدار سان لُطف اندوز ٿيڻ ۽ مقصد جي حصول تي راضي ٿيڻ پر انهن شين جي لاءِ تڪبر ڇڏڻ، موليٰ عَزَّوَجَلَّ ڏانهن رجوع ڪرڻ ۽ ظاهر ۽ باطن ۾ ان تي