Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

اهڙي موقعي تي ته ٻانهي کي ڊڄڻ گهرجي ته منهنجو ڪنهن کي غلط مسئلو ٻڌائڻ ڪٿي منهنجي لاءِ پڪڙ جو سبب نه بڻجي وڃي. الله پاڪ اسان کي پنهنجو خوف ۽ تقوٰي نصيب فرمائي آمين.

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جا نيڪ ٻانها رمضان جا ايتري قدر شيدائي هوندا هئا جو گھٽ عمر ۾ به سخت گرمي ۾ بک اڃ برداشت ڪري روزو رکندا هئا ۽ پوءِ ان کي پورو ڪرڻ جو به اهتمام  فرمائيندا هئا ۔ اچو! انهيء ضِمن ۾ هڪ ايمان افروز  واقعو ٻڌو ۽ پنهنجي اندر روزو رکڻ جو حرص پيدا  ڪريو۔ 

اعليٰ حضرت جو روزو کولرائڻ جي تقريب

اعليٰ حضرت،امامِ اهلِسنت مولانا امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه  جي روزي ڪشائي جي تقريب جو احوال بيان ڪندي مولانا سيد ايوب علي رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا ته رمضان مبارڪ جو مقدس مهينو آهي ۽ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي پهرين روزي کولرائڻ جي تقريب آهي، ڪاشانَه اَقدس ۾ جتي اِفطار جو ٻين گھڻن قسمن جو سامان آهي۔ هڪ محفوظ ڪمري ۾کيرڻي جا پيالا به ڄمائڻ جي لاءِ رکيا ويا هئا. گھڻي گرمي جو وقت آهي ته  اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه  جا والدِ ماجد (رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه) سندن کي ان ڪمري ۾ وٺي وڃن ٿا ۽ دروازو بند ڪري کير جو هڪ پيالو کڻي ڏين ٿا ته ان کي کائي وٺو۔ پاڻ (رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه) عرض ڪن ٿا: منهنجو ته روزو آهي ڪيئن کاوان؟ ارشاد ٿيو: ٻارن جو روزو اهڙو ئي هوندو آهي، وٺ کاءُ، مون دروازو بند ڪيو آهي، ڪير ڏسڻ وارو به نه آهي۔ پاڻ (رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه) عرض ڪن ٿا: جنهن جي حڪم سان روزو رکيو آهي، اهو ته ڏسي رهيو آهي هي ٻڌندي ئي سندن رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه جي والدِ ماجد (رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه) جي مبارڪ اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ ڪمرو کولي ٻاهر اچي ويا۔

 (حياتِ اعليٰ حضرت،۱/۶۵)