Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

رمضان شريف ۽ مسلمان

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان جي شان ۽ عظمت ٻين مهينن جي مقابلي ۾  تمام گھڻي آهي، سعادت مند مسلمان هن مهيني جي ايندي ئي نيڪ ڪمن ۾ مشغول ٿي ويندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هن مهيني ۾ هر پاسي پُرڪيف نظارا هوندا آهن، مسجدن جي رونق وڌي ويندي آهي، مسلمان نماز روزي جي پابندي شروع ڪري ڏيندا آهن، شوقِ تلاوت ۽ ذوقِ عبادت وڌي ويندو آهي، صدقي ۽ خيرات سان غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪئي ويندي آهي، تراويح ادا ڪرڻ جا پُرڪيف منظر هوندا آهن، مسجدن ۾ ذڪر ۽ بيان جي حلقن ۾ ماڻهو شرڪت ڪندا آهن، انفرادي ۽ اجتماعي عبادتن جو سلسلو وڌي ويندو آهي، ان جو سبب هي  آهي ته اهو ئي  هي  مهينو آهي  جنهن ۾ عبادتن جو اَجر ۽ ثواب ڪيئي ڀيرا وڌايو ويندو آهي.

حضرتِ سيّدُنا ابراهيم نخعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: رمضان جي مهيني ۾ هڪ ڏينهن جو روزو رکڻ هڪ هزار (1000) ڏينهن جي روزن کان افضل آهي، ۽ رمضان جـي مهيني ۾ هڪ ڀـيرو تسبيح ڪرڻ (يعني سبحٰن الله چوڻ) هن مهيني کان علاوه هڪ هزار (1000) ڀيرا تسبيح ڪرڻ (يعني سبحٰن الله چوڻ) کان افضل آهي ۽ رمضان جي مهيني ۾ هڪ رڪعت پڙهڻ رمضان جي علاوه هڪ هزار (1000) رڪعتن کان افضل آهي۔ (درمنثور،۱ /۴۵۴)

افسوس جو! هن مقدس مهيني ۾ ڪجھ ناقدرن جو حال هي هوندو آهي جو بخشش ۽ مغفرت سان مالا مال هن روحاني مهيني کي به عام مهينن جيان مال ۽ دولت گڏ ڪرڻ، ڪاروبار چمڪائڻ، بينڪ بيلنس (Bank balance) وڌائڻ، ڦر لٽ ڪرڻ، پتنگ بازي، ڪبوتر بازي، ڪرڪٽ، هاڪي، فٽبال، ٽينس، تاش، شطرنج، ڇڪو، ڪيرم، اسنوڪر، وڊيو گيمز، موبائل ۽ انٽرنيٽ جي غلط استعمال ۽ بازارن ۾ گُھمڻ ڦرڻ ۾ وڃائيندا آهن. پهريان جي مسلمانن ۾ رمضان ۾ عبادتون ڪرڻ جو جذبو تمام گھڻو ڀريل هو ۽ هو هن مقدَّس مهيني