Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي قبر کي ائين ئي منوَّر ڪري جيئن پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ (رمضانُ المبارڪ ۾) مسجدن کي  قرآن سان منوَّر ڪيو۔ (فيضان فاروق اعظم،۱/۷۳۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

 رمضان ڪيئن گذارجي؟

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گھرجي ته اسان به هن مقدَّس مهيني کي عظيم الشان طريقي سان خوش آمديد چوڻ جي تياري شروع ڪريون، ان کي فضوليات ۽ غفلت ۾ گذارڻ بدران اخلاص سان نيڪ عمل ڪري گذاريون. فرض ۽ واجب ته هميشه ادا ڪرڻا آهن پر هن مهيني ۾ اسان کي انهن سان گڏوگڏ سنتن ۽ مستحبن تي به عمل ڪرڻ گھرجي۔ نفلن جي ڪثرت ڪرڻ گھرجي۔ هر گھڙيءَ کي ذڪر و اذڪار ۾ گذارڻ جي پوري ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ روزانو ڪجھ نه ڪجھ تلاوتِ قرآن ڪرڻ گھرجي۔ خوب خوب صدقي ۽ خيرات ۾ حصو ملائڻ گھرجي۔ تهجد ۽ اشراق ۽ چاشت  جا نفل ادا ڪرڻ گھرجن۔ غريبن ۽ مسڪينن جي حسبِ استطاعت مدد ڪرڻ گھرجي۔ رات جو جاڳي عبادت ۾ گذارڻ ۽ توبهه ۽ استغفار جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ درود ۽ سلام جي ڪثرت ڪرڻ گھرجي۔ حمد ۽ نعت ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ وقت گذارڻ گھرجي۔   خاص طور تي رمضان ۾ ٿيندڙ  مدني ڪمن ۽ رمضان المبارڪ جي روزانو ٻن مدني مذاڪرن ۾ شروع کان آخر تائين شرڪت ڪرڻ گھرجي۔ مدني چينل تي نشر ٿيڻ وارا فيضانِ رمضان سان مالامال سلسلا ڏسڻ ۽ دعوتِ اسلامي جي تحت مختلف مسجدن ۾ ٿيڻ واري سڄي مهيني يا آخري عشري جي اجتماعي اعتڪاف جي سعادت سان فيضياب ٿيڻ، ٻين کي به ان جي دعوت ڏيڻ جهڙين نيڪين ۾ مشغوليت جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ مطلب ته هن مهيني ۾ اسان کي هر ان نيڪ ۽ جائز ڪم ۾ وقت گذارڻ گھرجي جنهن ۾ الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب، ڏکويل دلين جي طبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي رِضا هجي۔