Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

ان کی سنَّت کا جو آئنہ دار ہے           بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

روزي جي نيت جا مدني گل

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! ماههِ رمضان ۽ ان ۾ روزي رکڻ جي فضيلتن جي متعلق ڪجهه مدني گل ٻڌون ٿا:

پهريان ٻه فرامين مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو: فرمايائون: (1) روزو عبادت جو دروازو آهي. (الجامع الصغیرص۱۴۶حدیث۲۴۱۵)  (1) فرمايائون پنج ئي نمازون، ۽ جمعو ايندڙ جمعي تائين ۽ ماههِ رمضان ايندڙ ماههِ رمضان تائين گناهن جو ڪفارو آهن جيستائين ڪبيره گناهن کان بچو وڃي. (صحیح مسِلم ص ۱۴۴حدیث۲۳۳) روزو باطني عبادت آهي، ڇو جو اسان جي ٻڌائڻ جي بغير ڪنهن کي اهو علم نه ٿو ٿي سگهي ته اسان جو روزو آهي ۽ الله پاڪ باطني عبادت کي گهڻو پسند فرمائيندو آهي. (فیضانِ رمضان، ص۸۴۸) هر مهيني ۾ خاص تاريخون ۽ تاريخن ۾ به خاص وقت ۾ عبادت ٿيندي آهي. مثال طور عيد الاضحٰي جي چند (مخصوص) تاريخن ۾ حج، محرم جي ڏهين تاريخ افضل، پر ماههِ رمضان ۾ هر ڏينهن ۽ هر وقت عبادت ٿيندي آهي. روزو عبادت، افطار عبادت، افطار کان بعد تراويح جو انتظار عبادت تراويح پڙهي ڪري سحري جي انتظار ۾ سمهڻ عبادت، پوءِ سحري ڪرڻ به عبادت الغرض: هر لمحي ۾ الله پاڪ جو شان نظر اچي ٿو. (فیضانِ رمضان، ص۸۶۰) رمضان هڪ بٺي آهي جيئن بٺي گندي لوهه کي صاف ۽ صاف لوهه کي مشين جو پرزو بڻائي قيمتي ڪري ڇڏيندي آهي ۽ سون کي