Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

اعتڪاف جون برڪتون ماڻيو

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ماههِ رمضان جو استقبال ۽ ان جو اڪرام(عزت ۽ احترام) ڪرڻ جي متعلق ٻڌي رهيا هئاسين، ماههِ رمضان جو اڪرام(عزت ۽ احترام) ڪرڻ ۽ ان جون برڪتون حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو اعتڪاف ڪرڻ به آهي. اعتڪاف ڪرڻ حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري سنت آهي. هڪ ڀيري حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پوري ماههِ رمضان جو به اعتڪاف ڪيائون. جيئن ته

حضرت سيدنا ابو سعيد خدري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي: هڪ ڀيري حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پهرين 1 رمضان کان 20 رمضان تائين اعتڪاف ڪرڻ کان پوءِ ارشاد فرمايائون: مون شبِ قدر جي تلاش جي لاءِ رمضان جي پهرين عشري جو اعتڪاف ڪيو، پوءِ درمياني عشري جو اعتڪاف ڪيو، پوءِ مون کي ٻڌايو ويو ته شبِ قدر آخري عشري ۾ آهي، تنهنڪري توهان مان جيڪو شخص مون سان گڏ اعتڪاف ڪرڻ چاهي اهو ڪري وٺي. (مسلم، کتاب الصیام،ص۴۵۷،حدیث۲۷۶۹)

اعتڪاف جون برڪتون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به جيڪڏهن هر سال نه سهي گهٽ ۾ گهٽ زندگيءَ ۾ هڪ ڀيري اداءِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ادا ڪندي پوري ماهِ رمضان المبارڪ جو اعتڪاف ڪرڻ گهرجي. هن مهيني ۾ اعتڪاف جا کوڙ فائدا آهن. ٭ اعتڪاف جي برڪت سان ڪجهه فرض علوم جي ڄاڻ ٿيندي آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان قرآنِ ڪريم درست مخرجن سان گڏ پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي ٭ اعتڪاف جي برڪت سان درست نماز پڙهڻ سکي سگهجي ٿي. ٭ اعتڪاف جي برڪت سان ڪيتريون ئي سنتون ۽ آداب سکي سگهجن ٿاv اعتڪاف جي برڪت سان گناهن کان بچي سگهجي ٿوv اعتڪاف جي برڪت سان نمازن جي پابندي نصيب ٿيندي آهي. ٭ اعتڪاف جي برڪت سان هر وقت نماز جي انتظار جو ثواب حاصل ڪري سگهجي ٿو ٭ اعتڪاف جي برڪت سان عبادت ڪرڻ جا ڪيترا ئي موقعا ملندا آهن. ٭ اعتڪاف جي برڪت سان عاشقانِ رسول سان گڏ اٿڻ ويهڻ نصيب ٿيندو آهي. ٭ اعتڪاف جي برڪت سان نيڪ ماڻهن جي صحبت نصيب ٿيندي آهي v اعتڪاف جي برڪت سان