Book Name:Isteqbal-e-Mah-e-Ramzan

بھائیو بہنو! کرو سب نیکیوں پر نیکیاں                              پڑ گئے دوزخ پہ تالے  قید  میں شَیطان ہے

بھائیو بہنو! گناہوں سے سبھی توبہ کرو                              خُلد كے دَر كُھل گئے ہیں داخِلہ آسان ہے

کم ہوا زورِ گُنہ اور مسجدیں آباد ہیں                                  ماہِ رَمَضَانُ الْمُبَارَك كا یہ سب فیضان ہے

روزہ دارو! جُھوم جاؤ كیونكہ دِیدارِ خُدا                               خُلد میں ہوگا تمہیں یہ وعدۂ رحمٰن ہے

دوجہاں كی نعمتیں ملتی ہیں روزہ دار كو                              جو نہیں ركھتا ہے روزہ وہ بڑا نادان ہے

یاالٰہی تُو مدینے میں كبھی رَمَضَاں دِكھا                               مُدّتوں سے دِل میں یہ عطّار كے اَرمان ہے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رمضان! اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  جي ايمان افروز خطبي مان اهو واضح ٿئي ٿو ته  پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  رمضان المبارڪ جي اهميت ۽ فضيلت سان ڪيتري قدر واقف هئا ۽ هن نُوراني مهيني کان ڪيتري والهانه عقيدت ۽ محبت ڪندا هئا، انڪري  جيئن ئي هي مبارڪ مهينو جلوه گر ٿيندو هو ته نه صرف پاڻ نيڪين ۾ مشغول ٿيندا هئا بلڪ مسلمانن ۾ عبادت جو ذوق ۽ شوق بيدار ڪرڻ جي لاءِ انهن کي به هن مقدَّس مهيني ۾ اخلاص سان ۽ ڪثرت سان نفلي عبادت جي ترغيب ڏياريندا هئا ۽ آمدِ رمضان جي پُرنور موقعي تي چراغان جي ذريعي مسجدن کي روشن ڪرڻ به پاڻ رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه جي مبارڪ معمولات ۾ شامل هو جيئن ته حضرت سيدُنا ابو اسحاق همداني رَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: امير الم‍ؤمنين حضرت سَيدُناعلي المرتضيٰ، شيرِخدا کرَّمَ الله تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم رَمضانُ المبارڪ جي پهرين رات (First  Night ٻاهر نڪتا ته ڏٺائون ته مسجدن تي فانوس چمڪي رهيا آهن ۽ ماڻهو ڪتابُ الله جي تلاوت ڪري رهيا آهن۔ هي ڏسي پاڻ رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه  جن ارشاد فرمايائو: نَوَّرَاللہُ لِعُمَرَ  فِيْ قَبْرِہٖ كَمَا نَوَّرَ مَسَاجِدَ اللہِ بِالْقُرْآنِ  يعني الله عَزَّ وَجَلَّ اميرالمؤمنين حضرت سَيدُنا عمر