Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay
پنهنجي مٿي تي بهتان ۽ کليو گناھ کنيو.
تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت سڳوري تحت آهي: آيت جو خلاصو هي آهي ته جيڪي ماڻهو ايمان وارن مردن ۽ عورتن سان اهڙو سلوڪ(Behave) ڪن ٿا جنهن سان انهن کي اَذِيت پهچي جڏهن ته انهن اهڙو ڪجھ نه ڪيو هجي جو جنهن سبب انهن کي تڪليف ڏني وڃي ته انهن ماڻهن بهتان ۽ وڏي گناھ جو بار کنيو ۽ پاڻ کي بهتان جي سزا ۽ وڏي گناھ جي عذاب جو حق دار ڪيو آهي۔
(صراط الجنان،۸/۸۸ ملتقطاً)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اهي ماڻهو جيڪي ناحق ٻين کي تڪليف ڏيندا آهن ۽ انهن کي بغير ڪنهن جرم جي تنگ ڪندا آهن، اهي معاشري ۾ فساد پيدا ڪن ٿا ۽ پاڻ کي جهنم جو حقدار بنائن ٿا۔ يقيناً هڪ ڪامل مسلمان هن طرح جي ڪمن کان پاڻ کي پري رکندو آهي۔ اچو! انهيء باري ۾ ڪجھ حديث سڳوريون ٻڌون ٿا:
1۔ فرمايائون: توهان ماڻهن کي (پنهنجي) شر کان محفوظ رکو، اهو هڪ صدقو آهي جيڪو توهان پنهنجي نفس تي ڪندؤ۔ (بخاري، ڪتاب العتق، باب اي الرقاب افضل، ۲/۱۵۰، حديث: ۲۵۱۸)
2۔ فرمايائون: ڇا توهان کي خبر آهي ته مسلمان ڪير آهي؟ صحابَه ڪرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم عرض ڪيو: الله پاڪ ۽ ان جو رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وڌيڪ ڄاڻي ٿو۔ ارشاد فرمايائون: مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان (ٻيا) مسلمان محفوظ رهن۔ پوءِ ارشاد فرمايائون: توهان کي خبر آهي ته مؤمن ڪير آهي؟ صحابَه ڪرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُم عرض ڪيو: الله پاڪ ۽ ان جو رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وڌيڪ ڄاڻن ٿا۔ ارشاد فرمايائون ”مؤمن اهو آهي جنهن کان ايمان وارا پنهنجي جانن ۽ مالن کي محفوظ سمجھن ۽