Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

هوندي ته ڪڏهن ڪنهن جو حق ماريو هوندو۔ ٭ ڪڏهن ڪنهن جي غيبت ڪئي هوندي ته ڪڏهن ڪنهن تي تهمت لڳائي هوندي۔ ٭ ڪڏهن ڪنهن کي موچڙا هنيا هوندا ته ڪڏهن ڪنهن تي چڙهائي ڪئي هوندي۔ غور ته ڪريو! اڄ ٻين کي تڪليف ڏيون ٿا، ٻين کي ايذاء ڏيون ٿا ۽ پرواھ تائين نٿا ڪيون، ٿورو سوچيو ته سهي! جيڪڏهن قِيامت جي ڏينهن انهن شين جو حساب ڏيڻو پئجي ويو ته ڇا ٿيندو! هتي هن دنيا ۾ ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ ته نهايت ئي آسان لڳي ٿو پر ربُّ العزّت جي ناراضگي واري صورت ۾ آخِرت ۾ اهو گھڻو ڏکيو پئجي ويندو، جيڪي ماڻهو بنا ڪنهن وجھ جي ٻين کي تڪليف ڏين ٿا، اهڙا ماڻهو سخت عذاب جو شڪار ٿيندا، جيئن ته

خارش وارو عذاب

منقول آهي ته جهنَّم ۾ انهن تي خارش مُسَلَّط ڪئي ويندي اهي ايتري قدر کنهندا جو انهن جي جسم جو ماس ۽ کل سڀ ڇڻي ويندو ۽ صرف هڏيون رهجي وينديون، ان وَقْت پُڪاريو ويندو: اي فُلاڻا! ڇا تو کي تڪليف ٿئي پئي؟ اهو چوندو: هائو۔ پوءِ چيو ويندو اهو ان اِيذاء جو بدلو آهي جيڪو تُون مؤمِنن کي ڏيندو هئين۔   (اَلتَّرْغِيب وَالتَّرْهيب ج۴ ص۲۸۰ حديث ۵۶۴۹)

   ان ڪري ٿورو عقل سان ڪم وٺو يعني سمجهداري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، هميشه ٻين جي راحت جو سامان ڪرڻ گھرجي۔ ڪروڙين حنفين جي امام حضرت امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو حال ته اهو هو جو بي خيالي ۾   ڪنهن کي تڪليف پهچندي هئي ته خوف سبب بي هوش ٿي ويندا هئا، جڏهن ته اسان ٻين کي ڄاڻي واڻي تڪليف ڏيون ٿا ۽ ٿورو به نٿا ڊڄون۔ اچو! امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو ٻين کي تڪليف کان بچائڻ جو هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا:

پهريان دل صاف ڪريو!

شيخِ طريقت،امير اهلسُنَّت باني دعوت ِاسلامي حضرت علامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي رسالي ”لڙڪن جي برسات“ صفحي 14 تي هڪ حڪايت نقل ڪن ٿا: حَضْرتِ سيدُنا امام فَخرُ