Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay
ته هڪ ٻئي سان بغض نه رکو! ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي سيکاري رهيا آهن ته هڪ ٻئي تي ظلم نه ڪريو! ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمائي رهيا آهن ته مسلمان مسلمان جو ڀاءُ آهي۔ ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو ٻڌائي رهيا آهن ته حقيقي مسلمان اهو ئي آهي جيڪو ڪنهن کي رسوا نه ڪري۔ ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي ٻڌائي رهيا آهن ته سٺو مسلمان اهو ئي آهي جنهن کان ٻين جي جان ۽ مال محفوظ رهي۔ ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو ٻڌائي رهيا آهن ته حقيقي مسلمان اهو ئي آهي جيڪو ڪنهن کي حقير نه سمجھي۔ ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو ارشاد فرمائي رهيا آهن ته حقيقي مسلمان اهو ئي آهي جيڪو ٻين جي عزت ڪري۔ هاڻي اسان کي سوچڻ گھرجي ته اسان پنهنجي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فرمانن تي عمل ڪري رهيا آهيون يا نه؟
افسوس! جو اڄڪلھ هن ڳالھ تي ذري برابر به غور نٿو ڪيو وڃي ته منهنجي عمل سان ٻين کي تڪليف ته نه پئي ٿئي۔ اڄ هن ڳالھ تي معمولي ڌيان به ناهي ڏنو ويندو ته منهنجي ڪنهن ڳالھ سان ٻين کي تڪليف ته نه پهچندي۔ افسوس! اهي مسلمان جيڪي پوري انسانيت جا محافظ هئا هاڻي انهن مان ڪجھ ٻين مسلمان ڀائرن جي لاءِ جان جي مصيبت بڻيل نظر اچن ٿا، اهي مسلمان جن جو دين ٻانهن جي حقن کي ادا ڪرڻ جهڙي سنهري تعليمات سان لبريز آهي اڄ اهي ئي مسلمان پنهنجي دين جي اهڙن سنهري اصولن کي وساريندي نظر اچن ٿا، اهي مسلمان جن جا بزرگانِ دين پاڻ پريشاني ۾ مبتلا ٿي ٻين جي مدد (Help) ڪندا هئا اڄ انهيء بزرگن جا مڃيندڙ ٻين جي پريشانيء جو سبب بڻجندي نظر اچن ٿا۔ اهي مسلمان جن کي هر هڪ جو خير خواه هئڻ گھرجي، اڄ انهن مان ڪجھ ٻين جي بدخواهي ۾ مبتلا نظر اچن ٿا۔ اهي مسلمان جيڪي هڪ مضبوط عمارت جيان هئا، اڄ انهن مان ڪجھ ان