Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay
مهاجر اهو آهي جيڪو گناھ کي ڇڏي ڏئي ۽ ان کان بچي۔ (مسند امام احمد، مسند عبد اللّٰه بن عمرو بن العاص،۲/۶۵۴،حديث: ۶۹۴۲)
3۔ فرمايائون: هڪ ٻئي سان حسد نه ڪريو، گراهڪ کي ڌوڪو ڏيڻ ۽ قيمت وڌائڻ جي لاءِ دڪاندار سان ملي ڪوڙو هوڪو نه لڳايو، هڪ ٻئي سان بغض نه ڪريو، هڪ ٻئي سان منهن نه موڙيو، ڪنهن جي سودي تي سودو نه ڪريو ۽ اي الله جا ٻانهو! ڀاءُ ڀاءُ بڻجي وڃو، مسلمان مسلمان جو ڀاءُ آهي، ان تي نه ظلم ڪري، نه ان کي رسوا ڪري، نه حقير سمجھي۔ پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي سيني ڏانهن اشارو ڪري ٽي ڀيرا فرمايائون: تقويٰ هتي آهي ۽ ڪنهن شخص جي برائي جي لاءِ ايترو ڪافي آهي ته هو پنهنجي مسلمان ڀاءُ کي برو سمجھي، هڪ مسلمان جو رت، ان جو مال ۽ ان جي عزت ٻئي مسلمان تي حرام آهي ـ
(مسلم، ڪتاب البر والصلة والآداب، باب تحريم ظلم المسلم۔۔۔ الخ، ص۱۰۶۴، حديث: ۶۵۴۱)
دے حُسنِ اَخلاق کی دَولت کر دے عَطا اِخْلاص کی نِعْمت
مجھ کو خزانہ دے تقوٰی کا یااللہ مِری جھولی بھر دے
بَخْش دے میری ساری خَطائیں کھول دے مجھ پر اپنی عَطائیں
بَرسا دے رَحْمت کی بَرکھا یااللہ مِری جھولی بھر دے
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي ڪيتري پياري تعليم ڏئي رهيا آهن۔ ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي ڪيتريون سٺيون ڳالهيون سيکاري رهيا آهن۔ ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان کي ترغيب ڏئي رهيا آهن ته هڪ ٻئي سان حسد نه ڪريو! ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نصيحت(Advice) فرمائي رهيا آهن ته گراهڪ کي ڌوڪو نه ڏيو! ٭ اسان جا آقا اسان کي سيکاري رهيا آهن