Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay
نمازي بڻجي چڪو آهي، ڏاڙهي مُبارَڪ به سجائي ورتي ۽ مَدَني انعامات جو رِسالو به ڀريندي آهن۔
مَدنی انعامات کے عامل پہ ہر دم ہر گھڑی
یاالٰہی! خُوب برسا رحمتوں کی تُو جھڑی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان مسلمانن کي تڪليف ڏيڻ جي بابت ٻڌي رهيا هئاسين۔ ٻين کي ايذاءُ کان بچائڻ جي لاءِ بنيادي طور تي پنهنجي سوچ (Thinking) کي ٺيڪ ڪرڻ نهايت ضروري آهي۔ اڄ هڪ تعداد آهي جنهن جي ٻين کي ايذاءُ ڏيڻ مهل اها سوچ ٿي چڪي هوندي آهي ته منهنجي ائين ڪرڻ سان ڪجھ ناهي ٿيندو۔ يا جيڪڏهن مون اڪيلي اهڙو ڪيو ته ڇا ٿي پيو، يا منهنجي ڪرڻ سان ڇا ٿيندو آهي۔ يا ڪڏهن ڪڏهن ائين به هلندو رهندو آهي۔ يا صرف پنهنجو مطلب ڏسڻ گھرجي وغيره۔ ياد رکو! اها ئي اها سوچ آهي جنهن جي ڪري اسان جي معاشري ۾ ڪيئي خرابيون پيدا ٿيون آهن ۽ اها ئي اها سوچ آهي جيڪا ايذاءِ مسلم جي وڌندڙ واقعن جي وڏي سوچ بڻجي رهي آهي۔ اڄڪلھ جي ماڻهن جو ذهن ڇا بڻجي چڪو آهي ان کي هن حڪايت مان سمجھو۔
چون ٿا ته هڪ زماني ۾ ڪنهن شهر ۾ کير جي ڪمي ٿي وئي، اعلان ٿيو ته سڀئي شهر وارا فلاڻي کوھ ۾ هڪ هڪ گلاس کير (Milk) وجهن، جڏهن هڪ جاءِ تي کير گڏ ٿي ويندو پوءِ ان کان بعد مناسب طريقيڪار سان کير جي ڪمي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي۔ بادشاھ جو حڪم هو ان ڪري سڀني کي کير وجھڻو هو، هڪ شخص کوھ وٽ ويو ۽ سوچيائين ته سڀئي ماڻهو کير وجھندا مان جيڪڏهن هڪ پيالو پاڻي ان ۾ وجھي ڇڏيو ته ڪهڙو