Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay
مَدَني اِنعامات بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي نَقشِ قَدَم تي هلندي فِڪرِ مدينه يعني پنهنجي عملن جو مُحَاسَبو ڪرڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي۔ انهي مدني انعامات مان مدني انعام نمبر 48 آهي: ڇا اڄ اوهان (گھر ۾ ۽ ٻاهر) مذاق مسخري، طنز،دل آزاري ۽ ٽهڪ ڏيڻ کان وس آهر بچڻ جي ڪوشش ڪئي؟ (ياد رکو! ڪنهن مسلمان جو دِل ڏُکائڻ ڪبيره گُناهه آهي )
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته ڪيترو پيارو مدني انعام آهي جيڪڏهن اسان صحيح معني ۾ هن مدني انعام تي عمل ڪريون ته يقين مڃو اسان جي شخصيت ۾ نکار اچي وڃي، اسان جا اخلاق سنورجي وڃن، ۽ اهڙو شخص هر دل عزيز بڻجي ويندو آهي، جڏهن ته مذاق مسخري، طنز، دل آزاري، ٽهڪ ڏيڻ، اهي اهڙا ڪم آهن جيڪي ٻين کي اسان کان پري ڪرڻ جو سبب ٿيندا آهن، پاڻ ۾ نفرت ڦهلائڻ وارا ڪم آهن، ماڻهو اهڙي شخص وٽ ويهڻ، ڳالھ ٻولھ ڪرڻ پسند نٿا ڪن جيڪي مذاق مسخري، طنز، دل آزاري جهڙين بُري عادتن جو شڪار ٿيندا آهن، ڪاش! اسان هر هڪ سان الله پاڪ جي رضا جي لاءِ خوش اخلاقي سان پيش اچڻ وارا بڻجي وڃون، محبتون ورهائڻ ۽ نفرتون مٽائڻ وارا بڻجي وڃون، مدني انعامات جا عامل بڻجي وڃون۔ اچو!مدني انعامات جي رسالي جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا،
مدني انعامات جي رسالي جي بَرڪت
بابُ المدينه ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڪجھ هن طرح بيان آهي، علائقي جي مسجد جي امام صاحب جيڪو دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هو، ان اِنفرادي ڪوشش ڪندي ان جي وڏي ڀاء کي مدني اِنعامات جو هڪ رِسالو تحفي ۾ ڏنو، هو گھر کڻي آيو ۽ پڙهائين ته حيران ٿي ويو ته هن مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اِسلامي زندگي گذارڻ جو ايترو زبردست طريقو ڏنو ويو آهي۔ مدني انعامات جو رِسالو ملڻ جي بَرڪت سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اُن کي نماز جو جذبو مليو ۽ نمازِ باجماعت جي ادائيگي جي لاءِ مسجد ۾ حاضر ٿي ويو ۽ هاڻي پنج وقت جو