Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

جي باري ۾ اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بي مثل ۽ بي مثال هئا۔ يقيناً جيڪڏهن اسان به آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اهڙين سنتن تي عمل ڪرڻ شروع ڪريون ته معاشري مان مسلمان کي تڪليف ڏيڻ جو خاتمو (End) ئي ٿي وڃي۔ اچو! انهيء حوالي سان مٺي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اخلاقِ حسنه جون ڪجھ جھلڪيون ٻڌون ٿا ۽ انهن تي عمل جي نيت ڪريون ٿا:

اَخلاقِ مُصطَفٰي جون جھلڪيون

٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر وقت پنهنجي زبان جي حفاظت فرمائيندا هئا ۽ صرف ڪم جي ئي ڳالھ ڪندا هئا ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اچڻ وارن کي مَحَبَّت ڏيندا هئا، اهڙو ڪو عمل نه ڪندا هئا جنهن سان نفرت پيدا ٿئي ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن جي چڱين ڳالهين جي چڱائي بيان ڪندا هئا ۽ ان جي حوصله افزائي فرمائيندا هئا، بُري شيءِ کي بُرو ٻڌائيندا ۽ ان تي عمل کان روڪيندا هئا ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر معاملي ۾ اِعتدال (يعني ميانه روي) کان ڪم وٺندا هئا٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن ڪٿي تشريف وٺي ويندا هئا ته جتي جڳھ ملي ويندي هئي اتي ئي ويهي رهندا هئا ۽ ٻين کي به ان جي تلقين فرمائيندا هئا ٭ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ وٽ ويٺلن جي حقوق جو لحاظ رکندا هئا ٭ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي خدمت ۾ حاضر رهڻ واري هر فرد کي اهو ئي محسوس ٿيندو هو ته سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي سڀني کان وڌيڪ چاهيندا آهن ٭ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مجلس ۾ ڪنهن کان ڀُل ٿي ويندي هئي ته نه ان کي شهرت ڏني ويندي هئي نه ئي ان جو مذاق اڏايو ويندو هو ٭ اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون نگاهون حيا کان جھڪيل رهنديون هيون ٭ اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ذات جي لاءِ ڪڏهن به ڪنهن کان