Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay
فرق پوندو، ۽ ڪنهن کي خبر به نه پوندي۔ اهو سوچي ۽ ان کوھ ۾ هڪ گلاس کير بدران پاڻي وجھي ڇڏيو۔ صبح جڏهن ان کوھ تان پردو کنيو ويو ته سڄو کوھ پاڻي سان ڀرجي چڪو هو! يعني هر شخص اهو سوچيو ته منهنجي هڪ پيالي پاڻي وجھڻ سان ڪهڙو فرق پوندو۔
اڄ جو ماحول به ڪجھ اهڙو ئي بڻجندو پيو وڃي، عام سوچ اها ٿيندي پئي وڃي ته منهنجو ڀلو ٿئي اڳيان واري جو کڻي ٻيڙو ٻڏي وڃي۔ جڏهن ته اسلام هن سوچ جي نفي ڪري ٿو۔
اهو ئي سبب آهي جو اسان جي بزرگن جي سوچ اها هئي ته مان ڀلي رهجي وڃان منهنجي ڀاءُ جو ڪم بڻجي وڃي۔ جڏهن ته اڄ اها سوچ بڻجندي پئي وڃي ته منهنجو ڪم ٿيڻ کپي ٻيو منهنجي سبب ڀلي تڪليف ۾ اچي۔
سرڪارِ مدينه صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جو اعليٰ ڪردار
ياد رکو! هر مسلمان جو اهو حق آهي ته هر حال ۾ ان جي حقن جو لحاظ رکيو وڃي ۽ بلااجازتِ شرعي ڪنهن به مسلمان جي دل شڪني نه ڪئي وڃي۔ جيڪڏهن اسان ٻين کي ايذاء ڏني، انهن جي حقن جو لحاظ نه رکيو ته هن دنيا ۾ بدلو نه ڏئي سگھڻ جي صورت ۾ آخرت جي بربادي مقدر بڻجي سگھي ٿي۔ ٻين کي ايذاء کان ۽ تڪليف کان بچائڻ ۽ انهن جا حق ادا ڪرڻ ۾ اسان وٽ سڀ کان بهترين ۽ اعلٰي مثال انهيءَ جي آهي جن جا اسان امتي آهيون۔ جي ها! اسان جي پياري پياري آقا، عربي قُرَشي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به ڪنهن جي دل نه ڏکائي، نه ڪڏهن ڪنهن تي طنز ڪيو، نه ڪنهن جو مذاق اڏايو، نه ڪنهن کي ڌڪاريو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنهن جي بي عزتي ڪئي۔ حضرت انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا مون ڏهن سالن تائين سفر ۽ حضر ۾ حضورِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي، پر جيڪو ڪم مون ڪيو ان جي باري ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اهو نه فرمايو ته تو هي ڪم هن طرح ڇو ڪيو؟ ۽ جيڪو ڪم مون نه ڪيو ان جي باري ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڪڏهن هي نه فرمايو ته تو