Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay
عمارت کي ڪمزور ڪندي نظر ايندا آهن۔ اهي مسلمان جيڪي هڪ جسم جيان هئا، اڄ انهن مان ڪجھ ٻين جي ڏکن جو سبب بڻجندا آهن۔ مطلب ته! اڄ هڪ مسلمان ئي ٻئي مسلمان کي ايذاء ڏيندي نظر اچي رهيو آهي۔
موجوده دور ۾ ايذاءِ مسلم جا ڪجهه طريقا
اسان جي معاشري ۾ ڪيئي اهڙا ڪم ڪيا ويندا آهن جيڪي ٻين جي ايذا ۽ تڪليف جو سبب ٿيندا آهن، ائين ڪرڻ وارن کي روڪڻ يا انهن جي اصلاح ڪرڻ به وڏي همت جو ڪم آهي۔ ٿورو ٽوڪڻ تي هي ڪاوڙ ۾ اچي قابوءَ کان ٻاهر ٿي سگھن ٿا ۽ ٻين جي بي عزتي ڪرڻ ۾ ٿورو به نٿا ڪيٻائن۔ اچو! اهڙا ڪجھ انداز ٻڌون ٿا ۽ اهو عهد ڪيون ٿا ته جيڪڏهن اسان ۾ انهن مان ڪجھ به موجود آهي ته آٓئنده ان کان بچڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه
٭ اڄڪلھ شادين ۾ شور شرابو ۽ هل هنگامو ڪري ٻين کي ايذاء ڏنو ويندو آهي ۔ ٭ غلط (Wrong) پارڪنگ ۽ مختلف تقريبن ۽ فنڪشنز جي لاءِ گھٽين کي بند ڪري اچڻ وڃڻ وارن کي ايذايو ويندو آهي۔ ٭ اهڙي طرح گهٽين ۾ ملبو ۽ گند ڪچرو وغيره اڇلائي به ٻين جي ايذاء جو سبب بڻيو ويندو آهي۔ ٭ گهٽين ۾ ڪرڪٽ ۽ فٽ بال وغيره به ٻين جي نقصان ۽ تڪليف جو سبب ٿين ٿا۔ ٭ خاص ڪري رَمَضان جي مقدس راتين ۾ گهٽين ۾ گيمز کيڏڻ جي ڪري ٿيندڙ شور ته کوڙ ماڻهن جي تڪليف جو سبب ٿيندو آهي۔ ٭ سائلنسر نڪتل موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن جو شور به مسلمانن جي ايذاءُ جو سبب ٿيندو آهي۔ ٭ ڪجهه بدنصيب مختلف جرمن ۾ ملوث ٿي ٻين کي ايذاء پهچائن ٿا۔ ٭ ڪنهن جو نالو بگاڙي ٻين جي ايذاء جو سبب بڻجڻ به عام ٿيندو پيو وڃي۔ ٭ ڪجهه نادان گھرن ۾ خوب شور شرابو، بلند آواز سان ٽي وي ۽ گانا هلائي آسپاس جي پاڙيسرين جي ايذاء جو سبب ٿيندا آهن۔ ٭ پاڙيسرين جي گھرن ۾ جھاتي پائڻ ۽ انهن جي عيبن جي ٽوهه ۾ رهڻ به انهن کي ايذاء ڏيڻ وارو ڪام آهي۔ ٭ گڏ ڪم ڪرڻ وارن جون چغليون هڻڻ به انهن کي ايذاء پهچائڻ وارو ڪم آهي۔ ٭ اهڙي طرح گاريون ڏيڻ،