Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

ٻين کي ستائڻ:

اي عاشقانِ رسول! اوهان ٻڌو! اسان جا امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ماڻهن جي حقن جي معاملي ۾ الله پاڪ کان ڪيتري قدر ڊڄندا هئا، هن حڪايت مان انهن ماڻهن کي درس حاصل ڪرڻ گھرجي جيڪي ڄاڻي واڻي ٻين ماڻهن جي لاءِ تڪليف جو سامان ڪندا آهن ٭ ماڻهن جي ديوارن ۽ ڏاڪڻ جي ڪنڊن وغيره کي پان جي ٿُڪن سان خراب ڪري ڇڏيندا آهن. ٭ پاڙيسرين جي درن اڳيان ڪِن ڪچرو اڇلائيندا آهن، ٭ اهڙي طرح بنا اجازت جي ڪنهن جي گھرن ۽ دڪانن جي ڀتين ۽ دروازن ۽ پڻ سائن بورڊن، بسن وغيره جي ٻاهر يا اندر اسٽيڪرز ۽ پوسٽر چنبڙائيندا آهن، ٭ڪي نادان ته موقعو ڏسي انهن تي چاڪنگ(لکائي) ڪري دل آزاري ۽ حُقُوق جي پامالي سان گڏوگڏ مقدس تحرير جي بي ادبي جو سبب به بڻجندا آهن۔ ياد رکو! هتي دُنيا ۾ جنهن جو حق ضايع ڪيو هجي، جيڪڏهن ان سان معافي تلافي جي ترڪيب دنيا ۾ نه ٿي ته قيامت جي ڏينهن ان حق واري کي نيڪيون ڏيڻيون پونديون. جيڪڏهن انهي طرح به حق ادا نه ٿيو ته ان جي گناهن جو ٻوجھ پنهنجي ذمي کڻڻو پوندو. مثلاً ٭ جنهن بلا عُذر شرعي ڪنهن کي ڇڙٻ ڏني هوندي، ٭ ڪاوڙ ۾ ڏسي ڪنهن کي ڊيڄاريو هوندو ٭ دل ڏکائي هوندي ٭ ڪنهن کي ماريو هوندو ٭ ڪنهن جا پيسا ڦٻايا هوندا ٭ ٿُڪ، پوسٽر يا چاڪنگ وغيره جي ذريعي ڪنهن جي ديوار خراب ڪئي هوندي ٭ ڪنهن جي دڪان يا گھر جي سامهون جڳھ گھيري ان جي لاءِ ناحق پريشاني جو سبب بڻيا هوندؤ ٭ ڪنهن جي جڳهه جي ويجھو پنهنجي غير واجبي جڳهه زبردستي بڻائي ان جي روشني ۽ هوا ۾ رنڊڪ وڌي هوندي ٭ ڪنهن جي اسڪوٽر يا ڪار وغيره کي پنهنجي گاڏي سان رهڙ لڳائي وٺي ڀڳا هوندؤ ٭ يا ڀڄي نه سگھڻ جي صورت ۾ پنهنجو قُصور هجڻ باوجود پنهنجي رُعب ۽ دٻدٻي سبب سامهون واري کي ئي مُجرم قرار ڏئي ان جي حق تلفي ڪئي هوندي. مطلب ته! ماڻهن