Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay
لعنت ڪرڻ، تهمت ۽ بهتان لڳائڻ، مذاق اڏائڻ ۽ ٺٺول ڪرڻ به ٻين کي ايذاء ڏيڻ وارو ڪم آهي۔ ٭ ٻين جو قرض ڦٻائڻ، انهن جي مال ۽ جائيداد تي قبضو ڪرڻ به ٻين جي ايذاءُ جو سبب آهي۔ الله پاڪ اسان کي ٻين کي ايذاء ڏيڻ کان بچائي ۽ ٻين جي خيرخواهي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
نِعمتِ اَخلاق کر دیجے عطا! یہ کرم یامصطفےٰ! فرمائیے
نفس و شیطاں کی شرارت دور ہو یہ کرم یامصطفےٰ! فرمائیے
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان اهڙن عملن کان بچڻ چاهيون ٿا جيڪي مسلمان جي تڪليف جو سبب بڻجن ٿا ته عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ((Associate ٿي وڃو ۽ جنهن کان جيترو ٿي سگھي، پنهنجي ٻين مصروفيتن مان ڪجھ نه ڪجھ وقت مدني ڪمن جي لاءِ ضرور ڪڍي، انهن مدني ڪمن ۾ شموليت جي برڪت سان اسان گناهن کان بچيل رهنداسين، آخرت جي لاءِ نيڪين جو ذخيرو گڏ ٿيندو رهندو، نيڪي جي دعوت ڏيڻ وارن خوش نصيبن ۾ اسان جو شُمار ٿيندو، چڱي صحبت مُيسّر ايندي۔ مدني ماحول سان وابسته ٿي مدني انعامات تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃو۔ ٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مَدَني اِنعامات، عمل جو جذبو وڌائڻ ۽ گناهن کان پيڇو ڇڏائڻ جو بهترين نُسخو آهن، ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل ڪرڻ وارن کان اَميرِ اَهلسُنّت، باني دعوتِ اسلاميدَامَتْ بَرَکَاتُهمُ الْعَالِيه گھڻا خوش ٿيندا ۽ اُنهن کي دُعائن سان نوازيندا آهن ٭ مَدَني اِنعامات تي عمل جي بَرَڪت سان خَوفِ خُدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دَولت ملندي آهي ٭ مَدَني اِنعامات جو اهو عظيم تحفو بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جي ياد ڏياري ٿو، ٭