Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

جا حق ضايع ڪندڙ ڀلي دنيا ۾ نمازون پڙهندڙ هجي، حج، عمرا ڪندڙ هجي، تمام گهڻين خيراتن جو عادي هجي، ۽ وڏيون وڏيون نيڪيون ڪندو هجي، پر قيامت جي ڏينهن ان جون عبادتون اهي ماڻهو کڻي ويندا جنهن کي هن ناحق نقصان پهچايو هوندو، يا بلا اجازت شرعي ڪنهن به طرح ان جي دل آزاري جو سبب بڻيو هوندو، ۽ ائين ٻين جي حق تلفي ڪرڻ جي سبب، الله پاڪ جي ناراضگي جي ڪري حاجي، نمازي، روزيدار، تهجد گذار هجڻ جي باوجود اهو جهنم ۾ داخل ڪيو ويندو!

نفس و شیطاں پر مجھے غَلبہ عطا کر یاخدا!

اس علی کا واسِطہ دیتا ہوں جو ہے تیرا شیر

آہ! مِیزاں پر کھڑا ہوں شافعِ محشر کرم!

نیکیاں پلّے نہیں ہیں بس گناہوں کا ہے ڈھیر

    (وسائلِ بخشش مُرمّم ، ص۲۳۴)

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

مؤمنن کي ايذاء نه ڏيو

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ سنهري دور اهڙو به هو جڏهن انسان ته انسان ڪنهن جانور ايستائين جو ڪيولي تائين کي تڪليف نه ڏيڻ جو ذهن هوندو هو، وڏا به انهيء ذهن جا مالڪ هوندا هئا ۽ پنهنجن ننڍن کي به اهو ئي رنگ ڍنگ سيکاريندا هئا، پر هاڻي حالت ڏينهو ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي۔ ٻين کي تڪليف ڏيڻ جو رجحان تيزي سان وڌندو پيو وڃي۔ هڪ مسلمان ئي ٻئي مسلمان کي تڪليف ڏيندي نظر ايندو آهي۔ جڏهن ته بنا سبب جي ٻئي مسلمانن کي تڪليف ڏيڻ ۽ ايذاء پهچائڻ حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ سيپاري 30 سورة البروج آيت 10 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: