Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

اِنَّ الَّذِیْنَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِ ثُمَّ لَمْ یَتُوْبُوْا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَ لَهُمْ عَذَابُ الْحَرِیْقِؕ(۱۰)

 ترجمو: بيشڪ جن تڪليف ڏني مسلمان مردن ۽ مسلمان عورتن کي پوءِ توبھ نه ڪيائون پوءِ انهن جي واسطي جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن جي واسطي باھ جو عذاب آهي

  تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت سڳوري تحت لکيل آهي: بيشڪ اهي ماڻهو جن مسلمان مردن ۽ مسلمان عورتن کي تڪليفون ڏئي آزمائش ۾ مبتلا ڪيو، پوءِ پنهنجي هن عمل کان توبه نه ڪيائون ته انهن جي لاءِ آخرت ۾ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن جي لاءِ (قبر ۾ به) باھ جو عذاب آهي۔ (صراط الجنان، ۱۰/۶۰۸)

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته ٻين کي ايذاء ڏيڻ، انهن کي تڪليفون ڏيڻ، انهن جا حق روڪڻ، انهن جون دل آزاريون ڪرڻ ۽ ناحق انهن جي دل ڏکائڻ اهي سڀ ڪم جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارا آهن ۽ اهي سڀ ڪم جهنم جي عذاب جو حقدار بنائڻ وارا آهن۔ تنهنڪري اسان کي هر ان ڪم کان بچڻ گھرجي جن سان ٻين کي تڪليف پهچي۔

اهي ماڻهو جيڪي ٻين کي هروڀر تڪليف ڏين ٿا، بي قصورن کي ستائيندا آهن ۽ ٻين جي ايذاء جو سبب  بڻجندا آهن، قرآنِ پاڪ ۾ اهڙن جي لاءِ هڪ ٻي هنڌ تي اِرشاد فرمايو ويو:

وَ الَّذِیْنَ یُؤْذُوْنَ الْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِ بِغَیْرِ مَا اكْتَسَبُوْا فَقَدِ احْتَمَلُوْا بُهْتَانًا وَّ اِثْمًا مُّبِیْنًا۠(۵۸) (پ۲۲الاحزاب:۵۸)

تَرْجمو: ۽ جيڪي تڪليف ڏين ٿا ايمان وارن مردن ۽ عورتن کي بغير ڪنهن سبب جي پوءِ بيشڪ انهن