Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay
هي ڪم هن طرح ڇو نه ڪيو؟ (بخاری،۲/۲۴۳، حدیث:۲۷۶۸) جڏهن ته پاڻ رسولِ خدا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي دعوتِ اسلام ڏيڻ تي طرح طرح سان تڪليفون پهچايون ويون، مخالفن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي وڏو ظلم ۽ ستم ڪيو، پٿر هنيا، رستن ۾ ڪنڊا رکيا، جسمِ اقدس تي نجاستون وڌيون، ڊيڄاريو، ڌمڪايو، گاريون ڏنيون، قتل جون سازشون ڪيون پر ڪائنات جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به ڪا انتقامي ڪاروائي نه ڪئي، انهن تي غلبو حاصل ڪرڻ جي باوجود پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني کي معاف ڪري ڇڏيو پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ته هر هڪ کي سيني سان لڳائيندا هئا۔
لگاتے ہیں اس کو بھی سینے سے آقا
جو ہوتا نہیں منہ لگانے کے قابل
اسوهءِرسول تي عمل ڪريو
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!اسان کي ايذاءِ مسلم کان بچڻ ۽ احترامِ مسلم ڪرڻ جي لاءِ جهنم کان بچائڻ واري ۽ جنت ڏانهن رهنمائي فرمائڻ واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اسوهءِ حسنه جي پيروي ڪرڻي پوندي۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پيروي جو حڪم ته قرآن ۾ موجود آهي: جيئن سيپاري 21 سُوْرَة الْاَحْزَاب آيت نمبر 21 ۾ ارشاد آهي:
لَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِیْ رَسُوْلِ اللّٰهِ اُسْوَةٌ حَسَنَةٌ (پ۲۱،الاحزاب:۲۱)
تَرْجَمو ڪنز الايمان : بيشڪ توهان جي واسطي رسول الله جي پيروي بهتر آهي
تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيتِ ڪريمه جي تحت آهي: حقيقي طور تي ڪامياب زندگي اها ئي آهي جيڪا تاجدارِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نقش ِقدم تي هجي، جيڪڏهن اسان جو جيئڻ مرڻ، سمهڻ جاڳڻ حضور پُرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نقش ِقدم تي ٿي وڃي ته اسان جا سڀئي ڪم عبادت بڻجي ويندا۔
(صراط الجنان، ۷/۵۸۶)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻين جا حق ادا ڪرڻ ۽ انهن کي ايذاء کان بچائڻ