Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay
جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جي بيان جو موضوع هوندو: ”استقبالِ ماههِ رمضان“ تمام جلد رمضان المبارڪ جو خوبصورت مهينو پنهنجي دامن ۾ رحمتن ۽ مغفرتن جو خزينو کڻي اسان وٽ اچڻ وارو آهي. آئنده بيان ۾ اسان استقبالِ رمضان جي متعلق ئي ڪجهه مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد