Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay
زده جيترو ثواب آهي۔ (ترمذي، ڪتاب الجنائز ،باب ماجاء في اجر من عزي مصابا، رقم:۱۰۷۵،۲/ ۳۳۸) (2) جيڪو مومن ٻانهو پنهنجي ڪنهن مصيبت زده ڀاءُ جي تعزيت ڪندو الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان کي ڪرامت جو جوڙو پارائيندو۔ (ابن ماجه، ڪتاب الجنائز ، باب ماجاء في ثواب من عزي مصابا، رقم ۱۶۰۱،۲/ ۲۶۸) ٭ تعزيت جي معنيٰ آهي: مصيبت زده کي صبر جي تلقين ڪرڻ۔ ٭ تعزيت مسنون (يعني سنّت ) آهي۔ (بهار ِشريعت ،۱/۸۵۲) ٭ دفن کان پهريان به تعزيت جائز آهي، پر افضل اهو آهي ته دفن کان بعد ٿئي ان وقت جو جڏهن ميت جا وارث روڄ راڙو نه ڪندا هجن، نه ته انهن جي تسلي جي لاءِ دفن کان اڳ ۾ ئي ڪري۔ (الجوهرة النيرة، ڪتاب الصلاة، باب الجنائز، ص۱۴۱) ٭ مستحب هي آهي ته ميت جي تمام عزيزن سان تعزيت ڪريو، ننڍن وڏن مرد ۽ عورت سڀني کي عورت کي ان جا محارم ئي تعزيت ڪن۔تعزيت ۾ اهو چوي ، الله پاڪ ميت جي مغفرت فرمائي ۽ ان کي پنهنجي رحمت ۾ جڳھ عطا فرمائي۔ (بهار شريعت،۱/۸۵۲) ٭ ميت جي مٽ مائٽ ۽ عزيرن جو گھر ۾ ويهڻ ته ماڻهو انهن وٽ تعزيت لاءِ اچن ان ۾ حرج ناهي ۽ مڪان جي دروازي تي يا شارعِ عام (ماڻهن جي گزرڻ جي واٽ) تي فراسيون يا چادرون وڇائي ويهڻ بُري ڳالھ آهي۔ (الدرالمختار، ڪتاب الصلاة، مطلب في ڪراھة الضيافة من اھل الميت،۳/ ۱۷۶) ٭۽ دفن کان پوءِ ميت جي گھر اچڻ ۽ تعزيت ڪري پنهنجي پنهنجي گھر وڃڻ جيڪڏهن اتفاقاً هجي ته حرج ناهي ۽ ان جي رسم ٺاهڻ نه گھرجي ۽ ميت جي گھر تعزيت جي لاءِ ماڻهن جو مجموعو ڪرڻ دفن کان پهريان هجي يا بعد ۾ انهي وقت هجي يا ڪنهن ٻي وقت خلاف اَوليٰ آهي ۽ ڪريو ته گناھ به ناهي۔ (بهار شريعت،۱ / ۸۵۳) ٭ جيڪو هڪ ڀيري تعزيت ڪري اچي ان کي ٻيهر تعزيت جي لاءِ وڃڻ مڪروه آهي۔ (الدر المختار، ڪتاب الصلاة، باب صلاة الجنازة، ج۳، ص۱۷۷)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں۽آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت