Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

وابسته ٿي وڃو اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ سنتن تي عمل ڪرڻ جو جذبو بيدار ٿيندو ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت جي برڪت سان ڪردار به سٺو ٿيندو ۽ گفتار به سٺي ٿيندي ۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي ڪم و بيش 107 شُعبن ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهي آهي۔ انهن مان هڪ اهم شعبو ”مدني بسته مجلس“ به آهي۔ ”مدني بسته مجلس“ مدني عطيات گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڊونيشن سيل / ڊونيشن ڪاونٽر (مدني بسته) / جھولي لڳائيندي آهي۔ ان جي لاءِ هفتيوار سنتن ڀري اجتماعات، جمعة المبارڪ، مدني مذاڪره ۽ رش وارن هنڌن مثال طور بس اڏو، سبزي منڊي، مال پڙي، جمعه بازار ۽ مارڪيٽن ۾ بستا لڳايا ويندا آهن۔ ”مدني بسته مجلس“ مدني عطيات گڏ ڪرڻ وارن جي خَير خَواهي ڪندي مناسب مُشاهرو (پگھار) به مُقَرَّر ڪندي آهي ته جيئن اهڙا اسلامي ڀائر مُعاشي پريشانين کان بچي سنتن جي خدمت جي لاءِ ڪوشش ڪن۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

 (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

ان کی سنَّت کا جو آئنہ دار ہے                           بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

تعزيت جا مدني گل  

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو تعزيت ڪرڻ جا ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان ٻه (2) فرمانِ مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَملاحظه ڪريو: (1) جيڪو ڪنهن مصيبت زده سان تعزيت ڪندو ان جي لاءِ ان مصيبت