Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

الدِّين رازي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: امامِ اعظم (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) پنهنجي هڪ (غير مسلم) مَقروض (يعني جنهن کي قرض ڏنو وڃي) کان قَرض وٺڻ  جي لاءِ ان جي گهر تشريف وٺي ويا، اِتّفاق سان اُن جي گھر جي ويجھو سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي   جُوتي تي گپ لڳي وئي، گپ صاف ڪرڻ لاءِ جُتي کي ڇنڊيائون ته ڪجھ گپ وڃي ان جي ديوار تي لڳي، (اهو ڏسي سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تي خوفِ خدا جو اهڙو غلبو ٿيو جو پاڻ) پريشان ٿي ويا ته هاڻي ڇا ڪيان! ديوار تان جيڪڏهن گپ صاف ڪندس ته ديوار جي مِٽي به لهي ويندي ۽ جيڪڏهن صاف نه ڪندس ته ديوار خراب ٿي ويندي۔ انهيءَ سوچ و ويڄار ۾ امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه دروازو کڙڪايو، ان شخص ٻاهر نڪري جڏهن امامِ اعظم (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) کي ڏٺو (ته سمجھيائين شايد امام صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مون کان قرض وٺڻ آيو آهي) ته اُن قَرض جي اَدائيگي جي سلسلي ۾ بهاني بازي شُروع ڪري ڏني۔ امامِ اعظم (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) قَرض وٺڻ جي بدران ديوار تي گپ لڳڻ جي ڳالھ ٻڌائي نهايت ئي عاجزي سان ان کان مُعافي گھرندي اِرْشاد فرمايائون: مون کي اهو ٻڌايو ته اوهان جي ديوار ڪهڙي طرح صاف ڪيان؟ اهو غير مسلم امامِ اعظم (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) جي حُقُوقُ الْعِباد (ٻانهن جي حقن) جي مُعاملي ۾ بيقراري ۽ خوفِ خداوندي عَزَّوَجَلَّ ڏسي بي حد مُتاثر ٿيو ۽ ڪجھ هن طرح چيائين: اي مسلمانن جا امام! ديوار جي گپ ته پوءِ به صاف ٿي ويندي، پهريان منهنجي دل جي گپ صاف ڪري مون کي مُسَلمان ڪيو۔ پوءِ اهو غَير مُسلِم امامِ اعظم (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه) جي تقويٰ ڏسي مُسَلمان ٿي ويو۔  (تفسير ڪبير ج۱ص۲۰۴،بتغير)

جو بے مثال آپکا ہے تَقْویٰ،  توبے مثال آپکا ہے فَتْویٰ

ہیں علم و تَقْویٰ کے آپ سنگم،امامِ اعظم ابوحنیفہ

    (وسائلِ بخشش  مُرمّم، ص۵۷۳)

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد