Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

Book Name:Ezaa-e-Muslim Hraam Hay

اعظم ابو حنيفه نعمان بن ثابت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان گڏ ڪيڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته بي خيالي ۾ امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مُبارَڪ پير هڪ ڇوڪري جي پَير تي پئجي ويو، ڇوڪري کان رڙ نڪري وئي ۽ اُن جي واتان بي اختيار (اهو جملو) نڪتو: يا شَيخ!اَلَا تَخَافُ الْقِصَاصَ يوْمَ الْقِيامَۃِ!  اي شيخ! ڇا اوهان قِيامت جي ڏينهن ورتو ويندڙ انتِقامِ خُداوندي کان نٿا ڊڄو؟‘‘ اهو ٻڌي امام اعظم تي خوف طاري ٿي ويو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيا، ڪجھ دير کان پوءِ جڏهن هوش آيو ته حضرت مِسْعَر بن ڪدامرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه عرض ڪيو ته هڪ ڇوڪري جي ڳالھ سبب اوهان ايتري قدر ڇو گھٻرائجي ويا؟ ارشاد فرمايائون: ڪهڙي خبر ان جو آواز غيبي هدايت هجي۔     (اَلْمَناقِب لِلْمُوَفَّق ،الجز ء الثاني ،ص۱۴۸)

ہو نائبِ سَرْوَرِ دو عالَم، امامِ اعظم ابوحنیفہ

سِراجِ اُمّت فقیہِ اَفْخَم، امامِ اعظم ابوحنیفہ

عَطا ہو خَوفِ خُدا خُدارا! دو اُلْفَتِ مُصْطَفٰے خُدارا

کروں عمل سنَّتوں پہ ہر دَم، امامِ اعظم ابوحنیفہ

(وسائلِ بخشش مرمّم، ص۵۷۳)

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اي امامِ اعظم جي محبت جي دعويٰ ڪرڻ وارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي کي ٻڌي اهو تصوُّر به نٿو ڪري سگھجي ته امامِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڄاڻي واڻي ان ڇوڪري جي پَير تي پير رکيو هوندو، بي خيالي ۾ ٿيڻ واري فِعل تي به امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خوفِ خدا جي سبب بي هوش ٿي ويا ۽ هڪ اسان آهيون جو ڄاڻي واڻي خبر ناهي ڪيترن کي طرح طرح سان اِيذاء پهچائيندا آهيون، ٭ ڪيترن جو حق ضايع ڪندا آهيون، ٭ ڪڏهن ڪنهن کي ڇڙٻ ڏني هوندي ٭ ته ڪڏهن ڪنهن کي ذليل ڪيو هوندو ٭ ڪڏهن ڪنهن جي دل ڏکائي