Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

کي ڪفايت ڪري ويو، ”الله پاڪ جي عطا سان“پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي برڪت سان جانور انساني ٻولي ڳالهائڻ لڳا، الغرض! الله پاڪ پاڻ ڪريم
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪيئي اختيار عطا فرمايا۔ اچوته! حصولِ علمِ دين سان گڏو گڏ محبتِ رسول، الفتِ رسول، عشقِ رسول وڌائڻ جي نيت سان وڌيڪ ڪجھ معجزا رسول ٻڌون ٿا:

کاڌي ۾ برڪت ٿي وئي

حضرت سيدُنا عبدالرحمن بن ابي عَمرَه انصاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي، فرمائن ٿا ته مون کي منهنجي والد ٻڌايو ته اسان هڪ ڀيري جنگي سفر ۾ نبي ڪريم، رَءُوفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ هئاسين ۽ سفري سامان تقريباً ختم ٿي چڪو هو، جڏهن بک جي شدت تنگ ڪيو ته ماڻهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان هن ڳالھ جي اجازت (Permission) طلب ڪئي ته ڪجهه سواريون ذبح ڪيون وڃن ته جيئن ڪجھ ته بک گھٽ ڪري سگھجي۔ حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جڏهن اهو ڏٺو ته سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب وسينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي هن ڳالھ جي اجازت ڏيڻ وارا آهن ته عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اڳتي وڌي عرض ڪيو: ”يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! جيڪڏهن اسان پنهنجون سواريون ذبح ڪري کائڻ شروع ڪيون ته دشمن جي اڳيان اسان بکايل ۽ بنا سوارين جي هونداسين۔“ پوءِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ بارگاھ رسالت ۾ مسلمانن جي خير خواهي سان ڀرپور مشورو ڏيندي عرض ڪيو: ”يارَسُولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجو مشورو هي آهي ته تمام لشڪر وارا ائين ڪن ته جنهن وٽ جيڪو ڪجھ به ٿورو گھڻو کائڻ جي لاءِ بچيل آهي، اهو حضورِانور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ڪري ڇڏي۔ پوءِ اوهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کاڌي جي ڍير تي برڪت جي دعا ڪريو ته الله پاڪ اوهان جي دعا سان ان کاڌي ۾ اهڙي برڪت پيدا فرمائيندو جو اهو کاڌو اسان سڀني جي لاءِ ڪافي ۽ وڌيڪ ٿيندو۔“ شهنشاھ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اهو مشورو تمام گھڻو پسند آيو ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ امير المؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي هن مشوري جي موافقت ڪندي ان تي عمل پيرا ٿيڻ جو حڪم ارشاد فرمايائون۔ ته پوءِ جنهن وٽ جيڪو ڪجھ بچيل هو سڀني بارگاھ رسالت ۾ آڻي پيش ڪري