Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

خيرخواهي ڪريو

افسوس! اڄ اسان جي معاشري ۾ خيرخواهي وارو بهترين جذبو به ختم ٿيندو پيو نظر اچي جڏهن ته اسان جو دين ”دينِ اسلام“ انسانيت جو سڀ کان وڏو خيرخواه آهي جو غير مسلمن کي امن ۽ سلامتي واري دين کي قبول ڪرڻ ۽ مسلمانن کي احترامِ مسلم ڪرڻ جو درس ڏيئي ٿو. هڪ ٻئي جي ڀلائي چاهڻ ۽ خيرخواهي ڪرڻ، ان جي تعليمات جو سنهري باب آهي۔ رسولِ خدا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي خوب ترغيب ارشاد فرمائي آهي۔ حضرت تميم داري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو ته دين خير خواهي آهي، اسان عرض ڪيو: ڪنهن جي؟ فرمايائون: الله جي، ان جي ڪتاب، ان جي رسول ۽ مسلمانن جي امامن ۽ عوام جي۔

                                (مسلم،ڪتاب الايمان ،باب بيان ان الدين النصيحه ،ص۵۱،حديث:۱۹۶)

شيخ الحديث حضرت علامه عبد المصطفيٰ اعظمي رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيۡه فرمائن ٿا: خير خواهي جي مفهوم ۾ وڏي وُسعَت آهي ۽ حقيقت ته اها آهي جو ”هر مسلمان جي خير خواهي“ اهو هڪ اهڙو چڱو عمل آهي جو جيڪڏهن هر مسلمان هن نبوي تعليم کي جان کان پيارو سمجهي ان تي عمل شروع ڪري ڇڏي ته يڪدَم مسلمانن جو بگڙيل معاشرو سڌري وڃي ۽ مسلم معاشرو“ آرام ۽ راحت ۽ سڪون ۽ اطمينان جو هڪ اهڙو گهوارو بڻجي وڃي جو دنيا ئي ۾ بِهشت (جنت) جي سڪون ۽ اطمينان جو جلوو نظر اچڻ لڳي۔ (منتخب حديثيں، ص: ۲۳۱)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! لفظ خيرخواهي پنهنجي مفهوم جي لحاظ کان عام آهي، مثال طور مسلمانن سان نرمي ۽ ڀلائي سان پيش اچڻ، انهن جي مالي مدد ڪرڻ، انهن جي پريشاني دور ڪرڻ، انهن کي ڪپڙا پارائڻ، انهن کي کاڌو کارائڻ، انهن کي آرام ۽ سڪون مهيا ڪرڻ، انهن جي ضروريات کي پورو ڪرڻ، شرعي رهنمائي ڪرڻ يا ڪرائڻ، ڀٽڪيلن کي سڌي واٽ تي آڻڻ، مطلب ته ڪنهن به طرح سان پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان خيرخواهي ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي۔ پر افسوس! اڄوڪي دور ۾ اسان جي حالت اها آهي جو اسان
یاشیخ اپنی اپنی دیکھ جي تحت صرف پنهنجا معاملا درست ڪرڻ جي فڪر ۾ رهون ٿا۔ ٭ اسان جي آس پاس ڪيترا مسلمان پريشان حال آهن، يا دين کان پري