Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

جي لاءِ نه رکيو، سڀ توهان جي ئي ڪم ۾ صرف فرمائي ڇڏيائون، ٻه سوال دنيا ۾ ڪيائون اهي به توهان جي ئي واسطي، ٽيون آخرت جي لاءِ باقي رکيو اهو به توهان جي ان عظيم حاجت جي واسطي جڏهن ان مهربان مولا، رؤف و رحيم آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان سواءِ ڪو ڪم اچڻ وارو، ڪو بگڙي بڻائڻ وارو نه هوندو. قسم ان جو جنهن ان کي توهان تي مهربان ڪيو! هرگز هرگز ڪا به ماءُ پنهنجي عزيز پياري سڪيلڌي پٽ تي ڪڏهن به ايتري مهربان ناهي، جيتري قدر هو پنهنجي هڪ امتي تي مهربان آهن. (فتاوی رضویہ،۲۹/۵۸۳)

روتا ہے جو راتوں کو اُمّت کی محبّت میں                                وہ شافعِ محشر ہے سردار مدینے کا

راتوں کو جو روتا ہے اور خاک پہ سوتا ہے                             غم خوار ہے، سادہ ہے مختار مدینے کا

٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان سان ڪيتري قدر محبت فرمائن ٿا، تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان به پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪريون، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنتن تي عمل ڪريون ۽ ٻين مسلمانن کي به سنتن تي عمل جي ترغيب ڏياريون. الله ڪريم اسان سڀني کي سنتن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. 

سب سے اولٰی و اعلٰی همارا نبی

تَمام اَنبِياء عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام جا سمورا ڪمال، تَمام مَحاسِن(يعني تمام چڱايون)، سمورا وصف ۽ سڀ جا سڀ معجزا رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذات ۾ مَوجُود آهن۔ تمام انبياءِ ڪرام تي حضورِاڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي افضيلت کي قرآنِ پاڪ ۾ به بيان ڪيو ويو۔

تِلْكَ الرُّسُلُ فَضَّلْنَا بَعْضَهُمْ عَلٰى بَعْضٍۘ-مِنْهُمْ مَّنْ كَلَّمَ اللّٰهُ وَ رَفَعَ بَعْضَهُمْ دَرَجٰتٍؕ (سيپارو: 3 سُورَةُ البَقرہ آيت نمبر 253)