Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

   سيدي اعلٰي حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيتري پياري انداز ۾ شانِ مصطفٰي ۽ مصطفٰي ڪريم جي خاصيتن کي پنهنجي مجموعه ڪلام ۾ لکن ٿا:

سب سے اَولیٰ و اعلیٰ ہمارا نبی                               سب سے بالا و والا ہمارا نبی

اپنے مَولیٰ کا پیارا ہمارا نبی                                   دونوں عالَم کا دُولہا ہمارا نبی

بُجھ گئیں جس کے آگے سبھی مَشْعَلِیں                شمع وہ لے کر آیا ہمارا نبی

خَلْق سے اَولیا اَولیا سے رُسُل                             اور رَسُولوں سے اَعلیٰ ہمارا نبی

مُلکِ کَونَین میں انبیا تاجدار                                تاجداروں کا آقا ہمارا نبی

کیا خَبر کتنے تارے کھِلے چُھپ گئے                      پر نہ ڈُوبے نہ ڈُوبا ہمارا نبی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا معجزا بي شمار آهن، الله پاڪ پنهنجي عطا سان حضورِانور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اهڙو زبردست اختيار ۽ قوت عطا فرمائي آهي جو جنهن جو اندازو به نٿو لڳائي سگھجي۔ ”الله پاڪ جي عطا سان“  پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  آڱر جي اشاري سان چنڊ جا 2 ٽڪر ڪري ڇڏيا، ”الله پاڪ جي عطا سان“پاڻ ڪريم
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  دعا ڪئي ته لٿل سج موٽي آيو، ”الله پاڪ جي عطا سان“پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻي ۾ پٿرن کي تاري ڇڏيو، ”الله پاڪ جي عطا سان“پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪاٺيون بلب وانگر روشن ڪري ڇڏيون، ”الله پاڪ جي عطا سان“ لعابِ دهن (يعني ٿڪ مبارڪ) وجھي کاري پاڻي جي کوھ کي مِٺو ڪري ڇڏيو. ”الله پاڪ جي عطا سان“پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته آڱرين مان پاڻي جا چشما وهائي ڇڏيا. ”الله پاڪ جي عطا سان“ شَجَر و حَجَر سان ڪلام ڪيائو، ”الله پاڪ جي عطا سان“ وَڻَ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضري جي لاءِ آيا، ”الله پاڪ جي عطا سان“ ٿورو کير ستر ماڻهن کي ڪافي ٿي ويو، ”الله پاڪ جي عطا سان“ ٿورڙو کاڌو وڏي جماعت