Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

وابسته ٿي پنهنجي مصروفيتن مان ڪجھ نه ڪجھ وَقت ((Time ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن جي لاءِ به ڪڍون۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هنن مَدَني ڪمن ۾ شُمُولِيت جي بَرَڪت سان اسان نفلي عبادتون ادا ڪرڻ جا عادي بڻجي وينداسين، فرضن ۽ واجبن ۽ سُنَتن ۽ مُستَحَبّن تي عمل جو جذبو ملندو، نيڪي جي دعوت ڏيڻ واري کي سُنّت تي عمل جو موقعو ملندو، عاشقانِ رسول جي صحبت مُيسَّر ايندي، نيڪ عملن تي اِستقامت نصيب ٿيندي۔

ياد رهي! 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مَدرَسة المدينه بالِغان“ ۾ پڙھڻ يا پڙھائڻ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان دُرُست قرآنِ ڪريم پڙھڻ نصيب ٿيندو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان نماز، وُضو ۽ غُسْل وغيره جي ڪجهه ضروري اَحڪامِ اسلاميه سکڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي، ٭ مَدْرَسة المدينه بالِغان ۾ حاضِري جي بَرَڪت سان چڱي صُحبت مُيسّر ٿيندي آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ پڙھائڻ جي سعادت ملندي آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان عِلمِ دِين جي دَولت نصيب ٿيندي آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان مَدَني اِنعامات تي عمل جو جذبو ملندو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان سٺا اَخلاق اپنائڻ جو موقعو ملندو آهي، ٭ مَدرَسة المدينه بالِغان جي بَرَڪت سان مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو آهي. جو عام طور تي مسجدن ۾ ئي ان جي ترڪيب ٿيندي آهي.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مدرسة المدينه بالغان جي برڪت

بابُ المدينه (ڪراچي) جي مقيم هڪ اسلامي ڀاءُ جن 14 سال جي عمر ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم جي لاءِ ڪاليج وڃي پهتو۔ ان جو اڪثر وقت عام نوجوانن وانگر دوستن سان گڏ ڪچهري يا ڪرڪيٽ وغيرہ کيڏڻ ۾گذرندو هو۔ ان جي علائقي ۾ ان سان هڪ عاشقِ رسول اڪثر وڏي محبت سان ملندو هو ۽ عاشقان رسول جي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول جون بَرَڪتون ٻڌائيندو ۽ مدني ماحول اپنائڻ جي ترغيب ڏيندو هو۔ ان جي محبت ڀري مَدَني انداز کان هو متاثر ته گھڻو ٿيو، پر ڊگھي عرصي تائين ڪا پيش