Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

، توهان ايترو ڪجو جو منهنجي اچڻ کان پهريان ديڳڙي چُلھ تان نه لاهجو ۽ اٽو پچائڻ نه شروع ڪجو پوءِ قدرتِ خدا جو نظارو ڏسجو۔ ٭ هن واقعي ۾ حضورِ انور(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي لعاب شريف جا کوڙ معجزا آهن: ٻوٽين ۾ ڪثرت ۽ برڪت،ٻوڙ جي پاڻيءَ ۾ برڪت ، ٻوڙ جي لوڻ مرچ مصالحي گيھ ۾ برڪت ۽ ڪثرت، اٽي ۾ برڪت ۽ ڪثرت، جنهن ڪاٺي سان اهي شيون پچايون ويون ان ۾ برڪت، ماني پچائڻ واري جي هٿ ۾ قوت ۽ طاقت نه ته ايتري وڏي جماعت جي دعوت جي لاءِ ڪيئي مڻ گوشت ڪاٺيون اٽو گھرجي ها، پچائڻ وارا به گھڻا کپن ۽ کوڙ تندور کپن ها جيئن ته اڄڪلھ شادين جي دعوتن ۾ ڏٺو ويندو آهي۔ ٭ (حضرت) موسيٰ عَلَيه السَّلَام جي عصا سان پاڻي جا ٻارهن چشما پٿر (Stone) مان ڦٽي نڪتا، هتي حضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي لعاب سان ديڳڙي مان ٻوٽين،ٻوڙ جا چشما  ڦٽي نڪتا ۔

                                                             (مرآ ة المناجيح ،۸/۱۷۷تا۱۷۹ملتقطاً)

واہ کیا جُود و کرم ہے شَہِ بَطحا تیرا                            نہیں سُنتا ہی نہیں مانگنے والا تیرا

دھارے چلتے ہیں عَطا کے وہ ہے قَطرہ تیرا                   تارے کِھلْتے ہیں سَخا کے وہ ہے ذَرّہ تیرا

فَیْض ہے یا شہِ تَسْنِیم نِرالا تیرا                              آپ پیاسوں کے تَجَسُّس میں ہے دریا تیرا

آسماں خَوان، زمیں خَوان، زمانہ مہمان                      صاحبِ خانہ لقب کس کا ہے؟ تیرا تیرا

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

معجزي جي تعريف

حڪيم الاُمّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه معجزي جي تعريف بيان ڪندي فرمائن ٿا: اهو ڪم جنهن جي مقابلي سان بلڪ ان جي سمجھ کان مخلوق عاجز هجي ان کي ”معجزو“ چوندا آهن۔ شريعت جي اصطلاح ۾ معجزو هر اهو عجيب ۽ غريب خلافِ عادت ڪم آهي جيڪو نبوت جي دعوي ڪرڻ واري جي هٿان ظاهر ٿئي۔ نبوت جي دعوي کان پهريان جيڪو (خلافِ عادت ڪم) نبي جي هٿان ظاهر ٿئي ان کي ”اِرهاص“ چوندا آهن۔ اولياءُ الله جي هٿان جيڪا عجيب ڳالھ ظاهر ٿئي ان کي ”ڪرامت“ چوندا آهن۔ عام مؤمنن جي هٿان جيڪڏهن، ڪڏهن ڪا عجيب ڳالھ ظاهر ٿئي ان کي ”مَعُونَت“ چوندا