Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

هلي ماني کائو، اهو ٻڌي حُضُوراڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون ته اي خَندق وارو! جابر دَعوتِ طَعام (کاڌي جي دعوت) ڏني آهي، تنهنڪري سڀئي ماڻهو ان جي گھر هلي کاڌو کائو، پوءِ مون کي فرمايائين ته جيستائين مان نه اچان، مانيون نه پچرائجانءِ، پوءِ جڏهن حُضُورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تَشريف فرما ٿيا ته ڳوهيل اٽي ۾ پنهنجو لُعابِ دَهن (مبارڪ ٿُڪ) وجھي بَرَڪت جي دُعا ڪئي ۽ گوشت جي ديڳڙي ۾ به پنهنجو لُعابِ دَهن وڌائون۔ پوءِ مانيون پچائڻ جو حڪم ڏنائون ۽ فرمايائون ته ديڳڙي چُلھ تان نه لاٿي وڃي۔ جڏهن مانيون پچي ويون ته حَضرتِ سَيدُنا جابر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي گھرواريء ديڳڙي مان گوشت ڪڍي ڏيڻ شُروع ڪيو هڪ هزار صَحَابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان پيٽ ڀري کاڌو کائي ورتو ليڪن ڳوهيل اٽو جيترو پهريان هو اوترو ئي رهيو ۽ ديڳڙي چُلھ تي بدستور جوش هڻندي رهي۔ )بخاري،ڪتاب المغازي، باب غزوة الخندق. ..الخ ، الحديث: ۴۱۰۱ ، ۴۱۰۲،۳/۵۱ ملخصاً) حضرت سيدنا جابر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته پوءِ نبي ڪريم، رسولِ عظيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ٿانوَ جي وچ ۾ هڏين کي جمع ڪيائون ۽ انهن جي مٿان پنهنجو هٿ مبارڪ رکيائون ۽ ڪجهه ڪلام پڙهيائون جنهن کي مون نه ٻُڌو، هينئر جنهن ٻڪري جو گوشت کاڌو هو اها ئي ٻڪري يڪدم ڪن ڇنڊيندي اٿي بيٺي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي فرمايو: پنهنجي ٻڪري ڪاهي وڃو! مان ٻڪري پنهنجي گهرواري وٽ آندي. هوءَ (حيرت مان) چوڻ لڳي، هي ڇا؟ مون چيو، وَالله! هيءَ اسان جي اها ئي ٻڪري آهي جنهن کي اسان ذَ بح ڪيو هو. دعاءِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان الله تعاليٰ هن کي زندهه ڪري ورتو آهي! اهو ٻُڌي سندن گهرواري رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا بي اختيار چوڻ لڳي، مان گواهي ٿي ڏيان ته بيشڪ اهي الله پاڪ جا رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن. (الخصائصُ الڪبرٰي، ۲/ ۱۱۲)

مُردوں کو جِلاتے ہیں رَوتوں کو ہنساتے ہیں                      آلام مٹاتے ہیں بگڑی کو بناتے ہیں

سرکار کِھلاتے ہیں سرکار پلاتے ہیں                                سلطان و گدا سب کو سرکار نبھاتے ہیں

٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد