Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

آهن۔ ۽ ڪافرن جي هٿان جيڪي عجوبه (عجيب و غريب ڪم) ظاهر ٿين ان کي ”اِستِدرَاج“ چوندا آهن۔ مفتي صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مزيد فرمائن ٿا: سمورن نبين جا معجزا قصا (parables) بڻجي ويا، اسان جي حضور جا کوڙ معجزا قيامت تائين ڏسڻ ۾ ايندا، ذڪرِ ڪثير، محبوبيتِ قرآنِ مجيد، پٿرن، جانورن تي حضور جو نالو لکيل ملڻ وغيره اهي زنده جاويد معجزا آهن۔ حضور جا اولياءالله، انهن جون ڪرامتون حضور جا زنده معجزا آهن۔ (مرآة المناجيح، ۸/۱۶۲ملخصاً)

جامعُ الُمعجِزات

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مُعجِزَو نبي جي نَبُوَّت جو دليل هوندو آهي، تنهنڪري الله پاڪ هر نَبي کي ان دَور جي ماحول ۽ ان جي اُمَّت جي مِزاجِ عَقل ۽ فَهم (سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت) جي مُناسِب مُعجِزَات سان نوازيو هو۔ مثال طور حَضرتِ مُوسيٰ عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي دورِ نَبُوَّت ۾ جيئن ته جادُو (Magic) جي ذريعي ڪارناما پنهنجي ترقّي جي اعليٰ تَرين مَنزل تي پهتل هئا، ان ڪري الله پاڪ اوهان کي ”يدِبَيۡضا“ ۽ ”عَصا“ جا مُعجِزَا عطا ڪيا، جن سان اوهان جادُوگرن جي سَاحِرانه (جادوئي) ڪارنامن تي هن طرح غَلَبو حاصل ڪيائون جو تمام جادُوگر سَجدي ۾ ڪري پيا ۽ حَضرتِ مُوسيٰ عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام تي اِيمان آندائون۔ اهڙي طرح حَضرتِ عيسيٰ عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي زماني ۾ عِلمِ طِب اِنتهائي تَرقّي تي پهتل هو ۽ ان دَور جي طَبِيبن يعني ڊاڪٽرن وڏين وڏين بيمارين جو عِلاج ڪري پنهنجي فنّي مَهارَت سان سڀني اِنسانن کي مَسحُور (پنهنجي قابو ۾) ڪري رکيو هو، ان ڪري الله پاڪ حَضرتِ  عيسيٰ
عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَامکي پيدائشي اَنڌن ۽ ڪوڙھين کي شِفا ڏيڻ ۽ مُردن کي زِنده ڪرڻ جو مُعجزو عطا فرمايو، جنهن کي ڏسي پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جي دَور جي طبيبن (يعني ڊاڪٽرن) جا هوش اُڏامي ويا ۽ اهي حَيران ٿي ويا، آخرڪار انهن هنن مُعجِزن کي اِنساني ڪمالن کان بلند مڃي سندن نَبُوَّت جو اِقرار ڪيائون۔ اَلغرض هر نَبي کي ان دَور جي ماحول مُطابِق ۽ ان جي قَوم جي مِزاج ۽ انهن جي طبيعت جي مُناسِب ڪنهن کي هڪ، ڪنهن کي ٻه، ڪنهن کي ان کان وڌيڪ مُعجِزَات عطا ٿيا، پر نبي آخرُالزّمان، سَرورِ ڪون و مَڪان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيئن ته تمام نبين جا به نَبي آهن ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سِيرتِ مُقدَّسه تمام اَنبِياء عَلَيهمُ الصَّلٰوة السَّلَام جي مُقدَّس زِندگين جو خُلاصو (Summary) آهي