Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

٭ مثال طور مدني چينل ڏسڻ جي برڪت سان ديني معلومات ۾ اضافو ٿيندو آهي۔ ٭ مدني چينل ڏسڻ جي برڪت سان نماز روزو وضو غسل ۽ ٻيا فقهي مسئلا سکڻ جي سعادت نصيب ٿيندي آهي۔ ٭ مدني چينل ڏسڻ جي برڪت سان خوب خوب سنتون سکڻ جي لاءِ ملنديون آهن۔ ٭ مدني چينل ڏسڻ جي برڪت سان بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اجمعين جي خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفٰي سان ڀريل واقعا ٻڌڻ جي توفيق ملندي آهي۔ ٭ مدني چينل ڏسڻ جي برڪت سان ديدارِ اميرِاهلسنت نصيب ٿيندو آهي۔ ٭ مدني چينل ڏسڻ جي برڪت سان دعوت اسلامي جي اپ ڊيٽس حاصل ٿيندي آهي۔ ٭ مدني چينل ڏسڻ جي برڪت سان عمل جو جذبو نصيب ٿيندو آهي۔ ٭ مدني چينل ڏسڻ جي برڪت سان تلاوت، نعت ۽ منقبتون ٻڌڻ جون سعادتون ملنديون آهن، تنهنڪري جڏهن به ڪنهن سان ملاقات ٿئي يا فون تي ڳالهه ٻولھ يا ڪاٿي تقريب ۾ وڃو، ڪاٿي سنتن ڀريو بيان ڪرڻ جي ترڪيب هجي هر هڪ کي مدني چينل ڏسڻ جي دعوت ڏيو ڇو ته مدني چينل ڏسڻ جي دعوت ڏيڻ به نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ذريعو آهي. الله ڪري ته اسان پاڻ به مدني چينل ڏسون ۽ گهروارن کي به مدني چينل ڏسڻ جو ذهن ڏيون. 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا                                   جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا

ويهڻ جون ڪجهه سُنتون ۽ آداب

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ويهڻ جون ڪجھ سنتون۽ آداب ملاحظه فرمايو ٭ سُرين زمين تي رکو ۽ ٻئي گوڏا اُڀا ڪري ٻنهي ٻانهن کي گوڏن جي چوڌاري ورايو ۽ هڪ هٿ سان ٻئي کي پڪڙيو، ائين ويهڻ سنّت آهي، (پر ان