Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي نصف وسق (يعني تقريبًا هڪ سو ويھ ڪلو گرام) جَوَ ڏئي ڇڏيا، اهو ماڻهو، ان جي زال ۽ ان جا مهمان (هڪ عرصي تائين) اهي ئي جَوَ کائيندا رهيا ايستائين جو هڪ ڏينهن ان شخص اهي جو ماپي ورتا۔ پوءِ هو حضور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: جيڪڏهن تون ان کي نه ماپين ها ته توهان اهي جوءکائيندا رهو ها ۽ اهي ائين ئي (هميشه) باقي رهن ها. (مسلم،ڪتاب الفضائل،باب في معجزات النبي ، ص ۹۶۳،حديث ۵۹۴۶)

2۔ مشهور صحابي رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو بيان آهي ته مان حضورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمتِ اقدس ۾ ڪجھ کجيون (Dates) کڻي حاضر ٿيس ۽ عرض ڪيو ته يارَسُولَ الله! (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) هنن کجين۾ برڪت جي دعا ڪريو۔ رسول ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کجورن کي گڏ ڪري برڪت جي دعا ڪئي ۽ ارشاد فرمايائون ته توهان هنن کي پنهنجي توشه دان (ٿهيلي) ۾ رکي وٺو ۽ توهان جڏهن چاهيو هٿ وجھي ان مان ڪڍندا رهو پر ڪڏهن توشه دان ڇنڊي بلڪل خالي نه ڪجو۔ پوءِ حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ انهن کجين مان پاڻ به کائيندا هئا، ماڻهن کي به کارائيندا هئا ۽ مڻن جي حساب کان الله پاڪ جي راھ ۾ به ڏيندا هئا۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هميشه ان ٿيلهي کي پنهنجي چيلھ سان ٻڌي رکندا هئا ايستائين جو حضرت عثمان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي شهادت جي ڏينهن ۾ اها ٿيلهي انهن جي چيلھ تان ڪٽجي ڪٿي ڪري پئي۔ (ترمذي، ڪتاب المناقب، باب مناقب لابي هريره ،۵/۴۵۴، حديث: ۳۸۶۵)

3۔ حضرت بي بي ام سُلَيم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها وٽ هڪ ٻڪري هئي۔ انهن ان جي کير مان گيھ ٺاهي هڪ مشڪيزي ۾ گڏ ڪيو، جڏهن مشڪيزو ڀرجي ويو ته ٻانهيءَ جي هٿان اهو مشڪيزو رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ موڪلي ڇڏيو ته جيئن پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي ذريعي ٻوڙ بڻائن۔ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: انهن جو مشڪيزو خالي ڪري موٽائي ڏيو۔ خالي مشڪيزو گھر پهتو ۽ جڏهن بي بي ام سُلَيم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها ڏٺائين ته گھڻو حيران ٿيون ته اهو مشڪيزو جيئن ڀريل هو تئين ئي ڀريل آهي ۽ ان مان گيھ به وهي رهيو آهي، ٻانهيء کان پڇيائين