Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

قدمي نه ڪري سگھيو۔ آخرڪار انهن جي انفرادي ڪوشش جي بَرَڪت سان هو مسجد ۾ نمازِ عشاء کان بعد لڳندڙ مدرسة المدينہ (بالغان) ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو۔ هو عاشقانِ رسول جي صحبت ۾ دُرُست قرآن پڙهڻ سکي ويو۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول جي برڪت سان باجماعت نماز پڙهڻ سان گڏوگڏ سنّتن تي عمل جو جذبو به مليو۔ جلد ئي هو شيخِ طريقت، اميرِ اَہلسنت بانيِ دعوتِ اسلامي حضرت علامہ مولانا محمد الياس عطار قادِري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي ذريعي مريد ٿي ڪري ''عطاري'' بڻجي ويو۔ هو ڪم و بيش 8 سال مدرسةالمدينہ (بالغان) ۾ قرآن ڪريم صحيح مخارج سان پڙهائڻ جي سعادت حاصل ڪندو رهيو۔ انهي دوران ان دعوتِ اسلامي جي زيرِ انتظام ٿيڻ واري اجتماعي اعتڪاف ۾ به شرڪت ڪئي ۽ مزيد نيڪين جي رغبت حاصل ڪئي۔ ان اسلامي ڀاءُ 1996ع ۾ درسِ نظامي ڪرڻ شروع ڪئي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ 2003ع ۾ فارغ التحصيل ٿي ويو۔ انهي دوران فتويٰ نويسي جي به تربيت وٺي چڪو هو پير و مرشد جي شفقت سان مجلس تحقيقاتِ شرعيہ جي رُڪن جي حيثيت سان پنهنجا فرائض انجام ڏيڻ سان گڏ دارالافتاء اہلسنّت ۾ بطورِ مُفتي و مُصَدِّق(مفتيانِ ڪرام جي تحرير ڪيل فتون جي تصديق ڪرڻ) جي خدمت به سرانجام ڏئي رهيو آهي۔

مقبول جہاں بھر میں ہو دعوتِ اسلامی

صدقہ تجھے اے ربِّ غفار مدینے کا

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته مدرسة المدينہ (بالغان) پڙهائيندي پڙهائيندي توجہِ مُرشِد جي برڪت سان ڪاليج ۾ پڙھڻ وارو اسلامي ڀاءُ مفتي و مصدِّق بڻجي ويو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! تبليغِ قرآن وسنّت جي عالمگير غيرسياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت قرآنِ پاڪ جي تعليمات کي عام ڪرڻ جي لاءِ مختلف مسجدن وغيرہ ۾ عُمُومًا بعد نمازِ عشاء ہزارين مدرسةالمدينہ بالغان جي ترڪيب ٿيندي آهي۔ جن ۾ وڏي عمر جا اسلامي ڀائر صحيح مخارج سان حروف جي درست ادائيگي سان گڏ قرآن ڪريم سکندا، دُعائون ياد ڪندا، نمازون وغيرہ درست ڪندا ۽ سُنّتن جي تعليم مفت حاصل ڪندا آهن۔ اچوته اسان به نيت ڪيون ٿا ته جيڪڏهن اسان قرآنِ ڪريم ناهيون پڙهيل ته مدرسة المدينه بالغان ۾ پڙهڻ ۽ جيڪڏهن پڙهيل آهيون ته پڙھائڻ جي سعادت حاصل