Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ اسان ڪمالات مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي باري ۾ بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، پهريان اسان ٻڌنداسين ته ٿورڙو کاڌو چوڏهن سؤ (1400) صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي ڪيئن ڪافي ٿي ويو؟ ۽ مئل ٻڪري ڪيئن زنده ٿي؟ معجزو ڇا کي چئبو آهي، ڪرامت ڇا کي چئبو آهي، انهن جون تعريفون به ٻڌنداسين، اهو به ٻڌنداسين ته الله پاڪ اسان جي نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪهڙي نه عزت ۽ عظمت عطا فرمائي آهي، ان سان گڏوگڏ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن ڪنهن جي لاءِ برڪت جي دعا ڪندا هئا ته ان جون ڪهڙيون برڪتون ظاهر ٿينديون هيون ان باري ۾ به ٻڌنداسين۔ الله ڪري ته اسان سڄو بيان توجهه ۽ دل سان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ٻڪري ڪن ڇنڊيندي بيهي رهي!