Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

مشهور صحابي رسول حَضرت سَيدُنا جَابِر رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه بَيان ڪن ٿا ته غَزوَه خَندق جي موقع تي خَندق (کاهي) کوٽڻ مهل اوچتو هڪ اهڙي چَٽان ظاهر ٿي وئي جيڪا ڪنهن کان به نه پئي ٽُٽي۔ جڏهن اسان بارگاھ رِسَالَت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ اها ڳالهه عَرض ڪئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُٿيا،ٽن  ڏينهن جي بُک هئي ۽ پيٽ مُبارَڪ تي پٿر ٻڌل هو، رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مُبارَڪ هٿ سان هٿوڙو هنيو ته اها چٽان واريءَ وانگر ذرا ذرا ٿي وئي۔ (بخاري،ڪتاب المغازي،باب غزوة الخندق، الحديث :۴۱۰۱، ۳/۵۱) هڪ ٻي رِوَايت ۾ هيئن به آيو آهي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان چٽان تي ٽي ڀيرا هٿوڙو هنيو، هر ڌڪ تي ان مان هڪ روشني (Light) نڪرندي هئي ۽ ان روشني ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ شام ۽ اِيران ۽ يمَن جي شهرن کي ڏسي ورتو ۽ انهن ٽنهي مُلڪن جي فَتح ٿيڻ جي صَحَابَه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان کي بِشَارَت ڏنائون۔ (المواھب اللدنية مع شرح الزرقاني،باب غزوة الخندق...الخ، ۳/۳۱ (

حَضرت سَيدُنا جَابِر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته مسلسل بُک سبب نبي اڪرم، رسولِ محتشم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شڪم ِاَقدَس (پيٽ مبارڪ) تي پٿر ٻڌل ڏسي منهنجي دل ڀرجي آئي، مان حُضُورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان اِجازَت وٺي پنهنجي گھر آيس ۽ پنهنجي گھرواريء کي چيم ته مون نبي اَڪرَم، نُورِ مُجَسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ايتري شديد بک جي حالت ۾ ڏٺو آهي جو مون ۾ صَبر جي تاب ناهي رهي۔ ڇا گھر ۾ ڪجھ کاڌو آهي؟ اُن چيو ته گھر ۾ هڪ صَاع (تقريباً چار ڪلو) جَوء جي علاوه ٻيو ڪجھ به ناهي، مون چيو ته تون جلدي مان ان جَو کي پيهي ڳوهي وٺ، پوءِ مون پنهنجي گھر جو پاليل هڪ ٻڪري جو ٻچو ذَبح ڪري ان جون گوشت بڻايو ۽ گھرواريءَ کي چيم ته جَلد از جَلد ٻوڙ ۽ مانيون تَيار ڪري وٺ، مان حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سڏي اچان ٿو، وڃڻ مهل گھرواريءَ چيو: ٻُڌو! آقا عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي عِلاوه صِرف ڪجھ ئي صحابين کي گڏ آڻجو، ڇوته کاڌو گھٽ آهي، وڌيڪ ماڻهو آڻي مون کي رُسوا (Disgrace) نه ڪجانءِ۔

حَضرت جابر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ خَندق تي اچي آهستي عَرض ڪيو: يارَسُولَ الله!صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ صاع اٽي جون مانيون ۽ هڪ ٻڪري جي ٻچي جو گوشت مون گھر ۾ تيار ڪرايو آهي، تنهنڪري اوهان ڪجھ ماڻهن سان گڏ هلو ۽