Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

ته ڇا اهو مشڪيزو سرڪار عالي وقار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ نه کڻي وئي هئينءَ؟ ان چيو: مون ائين ئي ڪيو جيئن اوهان چيو هو، ڀلي اوهان پاڻ وڃي تصديق (Verify) ڪري وٺو۔ حضرت ام سليم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها بارگاھ رسالت مآب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ حاضر ٿيون ۽ عرض ڪيو ته: مون اوهان جي خدمت ۾ گيھ جو مشڪيزو موڪليو هو، ان ذات جو قسم جنهن اوهان کي هدايت ۽ دينِ حق سان گڏ موڪليو آهي، اهو مشڪيزو پهريان وانگر ڀريل آهي ۽ ان مان انهيءَ طرح گيھ وهي رهيو آهي۔ ته رحمت عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڇا تون هن ڳالھ سان تعجب ڪرين ٿي؟ الله پاڪ توکي کارايو آهي جهڙي طرح تو ان جي نبي کي کارايو، کائو ۽ کارايو۔ اُم سُلَيم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها چون ٿيون ته: مان گھر موٽيس ۽ مون ان گيھ کي مختلف پيالن ۾ وجھي ڇڏيو ۽ ڪجھ گيھ ان مشڪيزي ۾ رهڻ ڏنو جنهن سان اسان هڪ يا ٻن مهينن تائين ٻوڙ ٺاهيو۔ (مجمع الزوائد و منبع الفوائد، ڪتاب علامات النبوه ،باب معجزاته في الطعام و برڪته فيه،۸/۵۴۳، حديث:۱۴۱۲۶)

اِنہیں خُدا نے کِیا اپنے مُلک کا مالک

اِنہِی کے قَبْضے میں ربّ کے خَزانے آئے ہیں

جو چاہیں گے جِسے چاہیں گے یہ اُسے دیں گے

کریم ہیں یہ خَزانے لُٹانے آئے ہیں

سُنو گے لَا نہ زبانِ کریم سے نوریؔ

یہ فَیْض و جُود کے دریا بہانے آئے ہیں

٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے٭مرحبا یا مُصْطَفٰے

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مدني چينل ڏسڻ جون برڪتون ۽ ترغيب

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عشقِ رسول جو ڄام پيئڻ جي لاءِ مدني چينل ڏسندا رهو.  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدني چينل ڏسڻ جون تمام گهڻيون برڪتون آهن