Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

هزار کان وڌيڪ طلبه ۽ طالبات ديني تعليم جي حصول ۾ مشغول آهن، صرف هنن ٻن شعبن جا خرچ ڪروڙين روپيا هر سال آهن.

 اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 2 ڊسمبر2018 ء متوقع 23 ربيع الاول 1440 هه آچر جي ڏينهن 02:00 وڳي کان رات 02:00 وڳي تائين ٽيلي ٿون(يعني مدني عطيات مهم) جي ترڪيب ٿيندي. في يونٽ 10 هزار جو هوندو، ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ دعوت اسلامي جي اڳواڻي ۾ هلندڙ مدارس المدينه ۽ جامعة المدينه جي سڀني خرچن جي لاءِ تعاون ڪيو، پنهنجي مرحومن جي ايصالِ ثواب جي لاءِ  گهر جي هر فرد جي طرف کان گهٽ مان گهٽ هڪ يونٽ ته ضرور جمع ڪرايو ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو.

    ياد رکو! اوهان جي هٿن جو ڏنل هي صدقو نه صرف دنيا ۾ دين جي خدمت جو باعث بڻجندو بلڪ ڪيئي فضيلتن ۽ برڪتن جو سبب بڻجندو. نبيِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ صدقي جا بيشمار فضائل بيان فرمايا آهن. اچو ڪجهه فضائل ٻڌون ٿا: صدقو الله پاڪ جي غضب کي ٿڌو ڪندو ۽ بري موت کي دور ڪندو آهي. (ترمذی،کتاب الزکاۃ،باب ما جاء فی فضل الصدقۃ، ۲/۱۴۶ ،حدیث:۶۶۴) صدقو برائي جا ستر دروازا بند ڪندو آهي (فردوس الاخبار،۲/۳۴، حدیث:۳۶۵۱) صدقو گناهه کي مٽائي ڇڏيندو آهي جيئن پاڻي باهه کي وسائي ڇڏيندو آهي. (ترمذی، کتاب الزکاۃ،  ۲/۱۱۸،حدیث: ۶۱۴)  مسلمان جو ڏنل صدقو عمر کي وڌائيندو ۽ بري موت کي روڪيندو آهي. (فردوس الاخبار، ۲/۲۶، حدیث:۳۵۷۸) صدقو ستّر قسم جي بلائن کي روڪيندو آهي، جن ۾ سڀ کان آسان بلا بدن جو بگڙڻ ۽ سفيد داغ آهن (تاریخ البغداد،۸/ ۲۰۴، حدیث:۴۳۲۶) 

تنهنڪري پاڻ به يونٽ جمع ڪرايو، ٻين کي به هن جي ترغيب ڏيو ۽ پنهنجو ڪو هدف ٺاهي هينئر کان ان جي لاءِ رابطا شروع ڪري ڏيو. الله پاڪ اوهان کي بهتر جزا عطا فرمائي. اٰمِــيْن بِـجَـاهِ الـنَّـبِـیِّ الْاَمِــيْن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم     

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                 صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”مدرسة المدينه بالغان“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! خيرخواهي جو جذبو ماڻڻ، عشقِ نبي جي شمع کي سينن ۾ سجائڻ ۽ پنهنجي با ڪمال ۽ بي مثال آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سنتن تي هلڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان هردم