Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! آئنده هفتي جي بَيان جو موضوع هوندو ”امام مالڪ جو عشقِ رسول“، جنهن ۾ اسان عالِمِ مدينه حضرت سَيدُنا امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مختصر تعارف، امام مالڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي خدمتن ۽ سندن جي باري ۾ فرمانِ رسول ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين، شهرِ مدينه، خاڪ مدينه ۽ حديثِ پاڪ جي ادب ۽ تعظيم جي باري ۾ سندن سيرت جا ڪجھ ايمان افروز واقعا به بيان ٿيندا، امام مالڪ ڪيترا وڏا عبادت گذار هئا، تلاوتِ قرآن سان کين ڪيتري مَحَبَّت هئي ۽ سندن عبادت جو انداز ڪيترو پيارو هو هن باري ۾ عالم سڳورن جا ارشادات به ٻڌنداسين۔ تنهنڪري! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿي کڻي زور سان چئو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

﴿1جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ

 بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي