Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

دؤران گوڏن تي ڪا چادر وغيره وجهڻ بهتر آهي) (مرآۃالمناجيح،۶/۳۷۸) ٭ پلٿي هڻي ويهڻ به نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ثابت آهي۔ ٭ جتي ڪجهه اُس ۽ ڪجهه ڇانوَ هجي اتي نه ويهو۔ الله عَزَّوَجَلَّ جي محبوب، داناءِ غُيُوب، مُنَزَّهٌ عَنِ الۡعُيُوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ”جڏهن توهان مان ڪو ڇانوَ ۾ هجي ۽ ان تان ڇانوَ ختم ٿي وڃي ۽ هو ڪجهه اُس ۽ ڪجهه ڇانوَ ۾ رهجي وڃي ته ان کي گهرجي ته ان جاءِ تان اٿي وڃي۔ (ابو داود،ڪتاب الادب،باب في الجلوس بين الظل و الشمس، حديث ۴۸۲۱، ج۴،ص۳۳۸) ٭ قبلي ڏانهن منهن ڪري ويهو۔ (رسائل عطاريه حصو 2 ص 229) اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: پير ۽ استاد جي جاءِ تي انهن جي غير موجودگي ۾ به نه ويهي۔ (فتاويٰ رضويه، ج 24 ص 369، 424) ٭ جڏهن به اجتماع يا مجلس ۾ اچو ته ماڻهن کي اورانگهي اڳتي نه وڌو جتي جڳهه ملي اتي ئي ويهي رهو۔ ٭ جڏهن ويهو ته جوتا لاهي ويهو توهان جي پيرن کي آرام ملندو۔(جامع صغير ،حديث:۵۵۴،ص۴۰) ٭ مجلس مان فارغ ٿي ٽي ڀيرا هيءَ دعا پڙهو ته گناهه معاف ٿي ويندا ۽ جيڪو اسلامي ڀاءُ ڀلائي ۽ ذِڪر واري مجلس ۾ پڙهي ته ان جي لاءِ خير تي مهر لڳائي ويندي، اها دعا هي آهي؛ سُبْحَانَک اللّٰھُمَّ وَبِحَمْدِک لَا اِلٰه اِلَّا اَنْتَ اَسْتَغْفِرُک وَاَتُوْبُ اِلَيک ترجمو: تنهنجي ذات پاڪ آهي ۽ اي الله! سڀ خوبيون تنهنجي لاءِ ئي آهن، تو کان سواءِ ڪو معبود ناهي، توکان بخشش گهران ٿو ۽ تو ڏانهن توبهه ڪريان ٿو۔ (سنن ابي داؤد،ڪتاب الادب، باب في ڪفارة المجلس، الحديث: ۴۸۵۷، ۴/۳۴۷) ٭ جڏهن ڪو باعمل عالم يا متقي شخص يا سيّد صاحب يا ماءُ پيءُ اچن ته تعظيم لاءِ اُٿي بيهڻ ثواب آهي۔ ٭ مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا؛ بزرگن جي اچڻ تي اهي ٻئي ڪم يعني تعظيمي قيام ۽ استقبال(خوش آمديد چوڻ) جائز بلڪ صحابه جي سنت آهن۔ (مراٰةالمناجيح ،ج۶، ص ۳۷۰، جمله منقول از سنتيں ۽ آداب،ص۹۹، بتغير)

طرحين طرحين جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب ”سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.