Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

ڪمالاتِ مصطفيٰ جي جھلڪ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! اسان وٽ کاڌو گھٽ هجي ۽ کائڻ وارا ماڻهو گھڻا ٿي وڃن ته کاڌي جي مقدار وڌائڻ کان علاوه ٻيو ڪو چارو ناهي هوندو، تقريبًا چار ڪلو اٽو ۽ ٻڪري جو ٻچو چاهي ڪيترو به صحت مند هجي مشڪل سان پنجاھ سٺ ماڻهن جي پيٽ ڀري کائڻ جو سامان بڻجي سگھي ٿو۔ پر نبي رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لعابِ دهن جي برڪت سان ايترو کاڌو نه صرف صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي مڪمل جماعت کي پورو ٿي ويو بلڪ جيترو پچايو هو اوترو ئي باقي بچيل رهيو۔ ۽ پوءِ ٻڪري جي بچيل هڏين تي ڪلام پڙھيائون ته اهو گوشت کل سميت پهريان جھڙي ٻڪري ٿي ڪن ڇنڊيندي بيهي رهي، اها حڪايت سرڪارِ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪيئي ڪمالن جي جامع آهي۔

 مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي  تحت جيڪو ڪجھ ارشاد فرمايو آهي اچو! ان مان ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا: ٭ جن خوشنصيبن کاڌو کاڌو انهن جي تعداد چوڏهن سؤ هئي۔ تنهن مان هڪ هزار ته خندق کوٽڻ وارا هئا ۽ چار سو اهي حضرات هئا جيڪي بعد ۾بچيل رهيا، جيڪي مدينه منوره جي گھرن، بازارن وغيره ۾هئا، مدينه منوره جا ٻار عورتون به ان دعوت ۾شامل ٿيا ۔ مطلب ته کائڻ وارن جا ميلا لڳي ويا هئا۔ خوش نصيب هئا اهي ماڻهو جيڪي ان برڪت واري کاڌي سان مشرف ٿيا۔ ٭حضور اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن سڀني جي دعوت ڪري ڇڏي، ان ڏينهن لنگر حضور جو هو، گھر حضرت جابر جو هو، تنهنڪري اهو اعلان ۽ دعوت بلڪل درست آهي۔ جيڪا شيء استعمال سان گھٽجي نه اها مالڪ جي بغير اجازت استعمال ڪري سگھجي ٿي، جيئن ڪنهن جي چراغ جي روشني ۾ مطالعو ڪرڻ، ڪنهن جي ديوار مان ڇانوَ وٺڻ۔ اڄ اهو کاڌو انهن کائڻ وارن جي استعمال سان گھٽ نه ٿيندو تنهنڪري حضرت جابر جي بغير اجازت حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀني کي دعوت ڏئي ڇڏي۔ ٭ حضرت جابر (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) سمورن ماڻهن کي دعوت ڏيڻ ۽ انهن ۾ اعلان ڪرڻ سان حيران ٿيا، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي حيراني ملاحظه فرمائي ۽ تسلي ڏيڻ جي لاءِ اهو فرمايائون:گھٻرايو نه الله فضل ڪندو جيڪو آڻيندو اهو کارائيندو