Book Name:Kamalaat-e-Mustafa

آهن، اسان کي ان جو ڪو احساس ناهي ٿيندو۔ ٭ اهي ماڻهو جن سان اسان جو روزانو واسطو پوندو آهي انهن مان ڪيترا خوش دلي سان ۽ ڪيترا پريشان چهرن سان اسان کي ملن ٿا، اسان ڪڏهن ان تي غور ڪيو؟ ٭ اسان جي سڃاڻڻ وارن مان ڪيترا قرض ۾ جڪڙيل آهن بلڪ خاندان ۾ اسان جا ڪيترا مائٽ غربت ۽ مفلسي جي چڪي ۾ پسجي رهيا آهن، اسان کي انهن جي ڪا خبر ناهي۔ ٭ اسان جي پاڙيسرين (Neighbours) کي ٻه وقت جو کاڌو به نصيب ٿيندو آهي يا نه، اسان کي ان مان ڪو غرض ناهي، ٭ پائڻ جي لاءِ مناسب ڪپڙا به ملن ٿا يا نه، اسان کي ان مان ڪو غرض ناهي۔ ٭ ڪيترن بيمارن جي راتين جي ننڊ ۽ ڏينهن جو سڪون پيسو نه هئڻ جي ڪري برباد ٿي رهيو آهي، ان پاسي اسان جو ڌيان ئي ناهي هوندو۔ هاڻي ته بدقسمتي سان نوبت ايستائين پهچي چڪي آهي جو جيڪڏهن ٻن ماڻهن ۾ جھيڙو ٿي وڃي ته ٽيون انهن کي ڇڏائڻ بدران ويڊيو يا تصوير ان بُري نيت سان ٺاهي رهيو هوندو آهي ته ان کي سوشل ميڊيا (Social Media) تي وائرل (Viralيعني گھڻو وڌيڪ عام) ڪندس۔ اَلْاَمَان وَالْحَفِيظ۔ گھرجي ته اهو احترامِ مسلم جو مظاهرو ڪندي ٻنهي کي نرمي ۽ محبت سان سمجھائي ان معاملي کي ٿڌو ڪري ها۔ اي ڪاش! هر مسلمان جي عزّت جي تحفظ جي مدني سوچ نصيب ٿي وڃي۔ اهو به ياد رهي ته مسلمان جي عظيم ترين خيرخواهي، دين ۾ ان جي خيرخواهي ڪرڻ آهي. اسان کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته ڇا اسان پنهنجي اهل و عيال، والدين ۽ رشتيدار، پاڙيسرين ۽ ڪاروبار ۾ شريڪ ماڻهن جي ديني معمولات ۾ به خيرخواهه آهيون يا نه، بي نمازين کي نمازي بڻائڻ، قرآنِ ڪريم غلط پڙهڻ وارن جي درستگي جا اسباب بڻائڻ، جيڪي فرضن ۽ واجبن، سنتن ۽ مستحبن کان پري آهن، انهن جي اصلاح ڪرڻ ۾ اسان جو ڪهڙو ڪردار آهي؟. يقينًا سٺين نيتن سان مسلمانن جي مفلسي دور ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي جڏهن ته شريعت جي دائري ۾ رهي ڪري ڪئي وڃي، ۽ ان جو فائدو سامهون واري مسلمان کي دنيا ۾ ئي حاصل ٿيندو ۽ جيڪڏهن ان جي دين ۾ مدد ڪئي وڃي ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جي دنيا سان گڏو گڏ دين ۽ آخرت جي به بهتري ٿيندي.

ياد رکو! هڪ سٺو مسلمان اهو ئي هوندو آهي جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري اهو ئي پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ به پسند ڪري۔ اچوته! پنهنجي اندر پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏُکويل اُمّت جي خيرخواهي جو